منشيات ۽ گوسوامي بابت تفصيل، ممتا باليووڊ ۾ واپسي ڪندي يا نه؟
ممبئي(ويب ڊيسڪ) نوي واري ڏهاڪي جي ناليواري اداڪارا ممتا ڪلڪرني فلمن ۾ ٻيهر واپسي جي حوالي سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي.
تازو پنجويهه سالن کانپوءِ ڀارت واپس آيل خوبصورت ۽ نوي واري ڏهاڪي جي ناليواري اداڪارا ممتا ڪلڪرني ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏنو آهي جنهن ۾ هن منشيات جي دنيا توڙي وڪي گوسوامي سان پنهنجي لاڳاپن بابت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سميت مختلف اهم موضوعن جي تفصيل سان وضاحت ڪئي آهي.
ممتا ڪلڪرني چيو ته وڪي گوسوامي سان هاڻي ڪو به تعلق ناهي نه ئي منشيات جي دنيا ۾ واسطو باقي آهي، هاڻي مان انهن ماڻهن مان ڪنهن سان به ناهيان ملي. وڪي گوسوامي سان جڙيل هئس منهنجو روحاني سفر 1996 ۾ شروع ٿيو جڏهن گرو منهنجي زندگي ۾ آيو.
اداڪارا ٻڌايو ته وڪي گوسوامي ان وقت رابطو ڪيو جڏهن هو دبئي جي جيل ۾ قيد هو، انهن سالن مان پوجا پاٺ ۽ ڌيان تاپ سان جڙي ويس ۽ جڏهن ٻه هزار ٻارهن ۾ وڪي جيل مان واپس آيو تيستائين منهنجي محبت توڙي شادي واري خواهش ئي ختم ٿي چڪي هئي.
هن ٻڌايو ته اسان ٻنهي وچ ۾ ڪجهه به نه رهيو هو پر مان پوءِ به عزم ڪري ڇڏيو هو ته جيستائين هو جيل مان ٻاهر نه ايندو تيستائين مان ڀارت نه ويندس، جيل مان واپس اچڻ کانپوءِ هو ڪينيا هليو ويو ۽ مان ٻه هزار ٻارهن ۾ ڀارت آيس رڳو ڏهه ڏينهن رهڻ کانپوءِ وري واپس موٽي وئي هيس.
ڪلڪرني جو چوڻ هو ته ٻه هزار سورهن ۾ وڪي گوسوامي سان منهنجي آخري ڀيرو ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن کانپوءِ اسان ۾ ڪو به تعلق توڙي رابطو ناهي ۽ ٻه هزار سورهن کان ٻه هزار چوويهه تائين مان هڪ ڀيرو ٻيهر وري تپسيا ۾ گذاريو ۽ پنهنجو روحاني سفر ڪيو.
هن ٻڌايو ته منهنجو منشيات جي دنيا سان ڪو به تعلق ناهي، مان باليووڊ ۾ اچڻ جو ڪو به ارادو نٿي رکان.
ڊسمبر 20, 2024