معاشي طور بحالي لاءِ چوپايو مال پالڻ گهرجي، ڪمزور فوج وارا ملڪ تباهه ٿي ويندا آهن: پير پاڳارو

Spread the love

نصير آباد (ويب ڊيسڪ) حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري چيو آهي ته موسمياتي تبديلين سبب زراعت کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، معاشي طور بحالي لاءِ چوپايو مال پالڻ گهرجي، پاڪ فوج جو احترام ڪري اداري جو احترام ڪيو وڃي، ڪمزور فوج وارا ملڪ تباهه ٿي ويندا آهن.
نصيرآباد جي ڪوٽ نورپور جمالي اوستا محمد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي، پير پاڳاري چيو ته هيءَ حڪومت نه هلي رهي آهي نه اڳتي هلي سگهندي، ڇو ته اها مڪمل طور تي ڪوڙ تي ٻڌل آهي.
پير پاڳاري چيو ته حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو هڪٻئي سان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، اوهان جي ۽ منهنجي ووٽ سان نه حڪومت ٺهندي آهي ۽ نه ئي ٽُٽي ٿي.
هن چيو ته جيڪڏهن عزتدار ماڻهو سياست مان ٻاهر ٿي ويندا ته پوءِ ٺيڪيدار ملڪ هلائيندا، اسان کي ملڪ جي بهتري لاءِ سوچڻو آهي. ٻوڏ هجي يا آفتون مدد لاءِ رڳو فوج ايندي آهي.
مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه چيو ته جيڪڏهن سڀ ماڻهو قانون تحت هلندا ته بهتر ٿيندو، نه ته گاڏي ساڳي طرح هلندي رهندي.
پير پاڳاري چيو ته اسان کي خبر هئي ته گذريل 70 سالن کان چونڊون ڪيئن ٿي رهيون آهن، پر هن ڀيري عالمي سطح تي به خبر پئجي وئي ته اليڪشن ڪيئن ٿين ٿا.
پير پگارا چيو ته پاڻي جو مسئلو آهي، هو جتي به ويو، ماڻهن جو حال ڏسي افسوس ٿيو. اهڙا به علائقا آهن، جتي پيئڻ ۽ وهنجڻ لاءِ به پاڻي نه آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن صدر زرداري ڪئنالن لاءِ اين او سي ڏني آهي ته اسان ڪجهه به نٿا ڪري سگهون.
فنڪشنل ليگ جي سربراهه چيو ته ٻوڏ جي موسم ۾ سڀ ڊنل هوندا آهن ته بند نه ٽُٽي پوي، جڏهن ته ٻوڏ جي سيزن ۾ ماڻهو پاڻي لاءِ وڙهندا آهن، پوءِ ڇا ٿيندو؟
پير پاڳاري چيو ته سنڌ کي پاڻي ملندو ته بلوچستان ڏانهن به پهچندو، بلوچستان ۾ اقتدار وارا غربت مان نڪري امير ٿي ويا، جڏهن ته بلوچستان جو پئسو عوام تي خرچ ٿيڻ گهرجي ها.
هن چيو ته عزت ۽ انصاف کانسواءِ معاشرو نه ٿو هلي سگهي. عزت نٿا ڏئي سگهو ته نه ڏيو، پر انصاف ضرور ڏيو.
هن چيو ته ڪياني صاحب جي دور ۾ حالتون خراب هيون ۽ باجوا صاحب جي دور ۾ حالتون ڊانوان ڊول ٿي ويون.
فنڪشنل ليگ جي سربراهه چيو ته هيءَ حڪومت ٺاهي ته وئي آهي، پر ڇا اها هلي پئي؟ اسان جو نصيب چئو يا عادت اسان کي ڪوڙ ۾ رهڻ پسند آهي.
هن چيو ته اسان وفاق جي حمايتي آهيون، فيصلو ڪندڙن کي درست ۽ وقت سر فيصلا ڪرڻ گهرجن.
پير پاڳاري چيو ته ڪالا باغ ڊيم منصوبو ضياءُ الحق جي دور ۾ ختم ٿي چڪو هو، جڏهن ته بينظير جي دور حڪومت ۾ ڪالا باغ ڊيم لاءِ فنڊ مختص ڪيا ويا هئا.
هن وڌيڪ چيو ته 1985ع ۾ به سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ پاڻيءَ جي مسئلن تي اختلاف ٿيا هئا.

ڊسمبر 20, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو