سکر: پورد شهر ۾ ٽريفڪ جام۽ ڀتو مافيا عام، عوام پريشاني ۾ مبتلا
سکر( رپورٽ۔امداد گل ) پورد شهر ۾ ٽريفڪ جام، ڀتو مافيا ۽ عوام جي پريشاني کي روڪيو وڃي شهرن ۾ بدامني جي روڪ ٿام ڪئي وڃي. فٽ فاٽ ت لونڊي بازار جي غير قانوني وصولين ۾ انڪروچمينٽ اهلڪار شاهد جتوئي ۽ ٺيڪيدار نواز ميراني جو نالو سامهون آيو آهي،
سکر شهر ۾ ٽريفڪ جام ٿيڻ عوام لاءِ وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي، جنهن ڪري خاص طور تي اسڪولي ٻار ۽ عورتون شديد متاثر ٿي رهيون آهن. شهر جي مختلف رستن، بازارن ۽ چوراهن تي رش سبب ڏوهارين ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ عورتن سان بدسلوڪي جا واقعا به وڌي ويا آهن.
سول سوسائٽي الزام لڳايو آهي ته ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل ميئر ۽ ڊپٽي ميئر، جيڪي پاڻ سکر جا رهواسي آهن، شهر جا مسئلا حل ڪرڻ بدران پنهنجن پسنديده ٺيڪيدارن کي نوازڻ ۾ مصروف آهن.
ان ڪري ٽريفڪ جا مسئلا ۽ عوامي تڪليفون وڌي ويون آهن.شهر جي مين چوڪن نيم جي چاڙهي، اسٽيڊيم روڊ، جيلاني روڊ، بيراج روڊ، غريب آباد روڊ،فوڊ اسٽريٽ ۽ ڦٽ پات تي ٺيڪيدار جي غير قانوني طور اسٽالن تان ايڊوانس5000 روپيا ۽ روزانو 500 روپيا وصول ڪري رهيا آهن.
انهن ٺبيڪيدار خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ غير قانوني وصولين ۾ انڪروچمينٽ اهلڪار شاهد جتوئي ۽ ٺيڪيدار نواز ميراني جو نالو سامهون آيو آهي،
جيڪو ڪنهن به سرڪاري رسيد يا چالان کانسواءِ هي رقمون وٺي رهيو آهي، جنهن سان حڪومت کي مالي نقصان پهچائي رهيو آهي.ان کان علاوه، ٽريفڪ سارجنٽ ستار انصاري، محمد موسئ ۽ ڪجهه پوليس اهلڪارن تي به هفتيوار رشوت وٺڻ جا الزام آهن. شهر ۾ ٽريفڪ جي ناقص انتظامن ۽ ون وي نظام جي نه هجڻ سبب حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن.
واهه ڙي ڀتو مافيا…!! اعلئ عملدارن کي ميئر سکر ميونسپل ڪمشنر سکر ايس ايس پي سکر کي اپيل آهي ته نوٽيس وٺي قانوني ڪاروائي ڪري عوامي مسئلا حل ڪيا وڃن.
ڊسمبر 20, 2024