ارڙهين ترميم ذريعي پاڪستان ۾ حقيقي معنيٰ ۾ پارلياماني نظام قائم ٿيو: سينيٽ چيئرمين
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته 18 هين ترميم ملڪي جمهوري تاريخ ۾ اهم اڳڀرائي ثابت ٿي، ترميم جي نتيجي ۾ وفاق کان انتظامي ۽ مالياتي اختيار صوبن کي منتقل ٿيا.
اسلام آباد ۾ ارڙهين اسپيڪر ڪانفرنس کي خطاب ڪندي يوسف رضا گيلاني چيو ته اسپيڪر ڪانفرنس پارلياماني نظام جي مضبوطي لاءِ بهترين فورم آهي، ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستان جي جمهوري ادارن جا محافظ آهن.
سندس چوڻ هو ته ارڙهين ترميم ملڪي جمهوري تاريخ ۾ اهم اڳڀرائي ثابت ٿي، هن ترميم جي نتيجي ۾ وفاق کان انتظامي ۽ مالياتي اختيار صوبن کي منتقل ٿيا.
سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو ته ارڙهين ترميم جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ حقيقي معنيٰ ۾ پارلياماني نظام قائم ٿيو، جمهوري ادارن جي مضبوطي ۾ اضافو سندن گڏيل ذميواري آهي.
يوسف رضا گيلاني چيو ته اميد آهي جمهوري ادارا پيش ايندڙ گورننس مسئلن جي حل لاءِ اجتماعي شعور کي قطب آڻيندا، عوام کي بنيادي حقن جي فراهمي لاءِ پارلياماني نظام اهم آهي