يونان ٻيڙي حادثي ۾ فوتي پاڪستانين جو انگ 40 ٿي ويو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) يونان ۾ ٻيڙيءَ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ پاڪستانين جو مجموعي انگ 40 ٿي ويو.
ذريعن موجب يونان ۾ 3 مختلف ٻيڙين جي حادثن ۾ وڌيڪ 35 پاڪستانين جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن ۽ مجموعي انگ 40 ٿي ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته يوناني ڪوسٽ گارڊز سمنڊ ۾ ريسڪيو آپريشن ختم ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته گم ٿيل ماڻهن کي مُئل سمجهيو وڃي..
سرڪاري ذريعن موجب ليبيا ۾ هن وقت تقريبان 5 هزار پاڪستاني موجود آهن، يورپ وڃڻ جا خواهشمند اهي ماڻهو مختلف پاڪستاني ۽ ليبيا جي ايجنٽن وٽ موجود آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اهي پاڪستاني قانوني طور تي پاڪستان مان ويزا حاصل ڪري ليبيا پهتا آهن.

ڊسمبر 19, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو