ملير : قائداعظم پبلڪ اسڪول ۾ راندين جو هفتو شروع
ملير (ڊر ) قائداعظم پبلڪ اسڪول ۾ راندين جو هفتو شروع, ميدان سينگارجي ويا، مختلف راندين ۾ حصو وٺندڙ ٻارن کي 4 هائوسز ۾ ورهايو ويو، پهرئين ڏينهن تي ڪراٽي ٽيم, ڪمانڊو ٽيم ۽ پي ٽي ڊسپلي ٽيم پنهنجا ڪرتب ڏيکاري آيل مھمانن ۽ شاگردن کي حيران ڪري ڇڏيو,
ڪرڪيٽ ۾ بلو هائوس راند کٽي پهرئين ڏينهن ئي گرين ھائوس کي مات ڏئي ڇڏي, فوٽ بال ميچ ۾ گرين هائوس ٽيم ريڊ ھائوس کي هارائي ڇڏيو, هميشه ايس ايم بي قئپس جي ٻارن پڙهائي توڙي راندين ۾ پاڻ مڃرايو آهي، راند به زندگي جو حصو آهي،
جنهن ۾ پڻ ٻارن کي اڳتي اچڻ گهرجي: پرنسپل سيد الطاف حسين شاهه جو افتتاحي تقريب کي خطاب، تفصيل موجب: ملير جي درساڻو ڇنو ۾ قائم سنڌ مدرسا بورڊ قائداعظم پبلڪ اسڪول ۾ هر سال جيان هن سال به راندين جو هفتو ملهايو پيو وڃي، گذريل ڏينهن راندين جي هفتي جو افتتاح ايس ايم بي قئپس جي پرنسپل سيد الطاف حسين شاهه، گورننگ باڊي جي ميمبر مرتضيٰ يار محمد بلوچ خالد جمح جوکيو غلام حسين بلوچ عبدالرزاق سالار عبدالقادر درس ۽ ٻين افتتاح ڪيو،
جنهن ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ، والي بال، فوٽ بال, بيڊ منٽن، باسڪيٽ بال, ايٿريٽڪس جيولين ٿرو, لانگ جمپ, شارٽ پٽ, ڊسڪ پليٽ, 100۽ 500 ميٽر ريس, ٽگ آف وار سميت ٻين راندين جا مقابلا شروع ٿي ويا آهن، راندين ۾ حصو وٺندڙ ٻارن کي ييلو هائوس، بلو هائوس، گرين هائوس ۽ ريڊ هائوس ۾ ورهايو ويو آهي،
پهرئين ڏينهن تي ڪراٽي ٽيم, ڪمانڊو ٽيم ۽ پي ٽي ڊسپلي ٽيم پنهنجا ڪرتب ڏيکاري آيل مھمانن ۽ شاگردن کي حيران ڪري ڇڏيو, پهرئين ڏينهن تي شاگردن شاگردياڻين ۾ ڪرڪيٽ ميچ, فوٽ بال, والي بال سميت ٻين راندين جا مقابلا ٿيا، ڪرڪيٽ ۾ بلو هائوس راند کٽي گرين هائوس کي مات ڏئي ڇڏي،
جڏهن ته بيڊمنٽن ۾ پڻ بلو هائوس راند کٽي پنهنجو پاڻ مڃرايو, اهڙي طرح فوٽ بال راند ۾ به سخت مقابلو ٿيو جنهن ۾ گرين هائوس راند کٽي ريڊ هائوس کي هارائي ڇڏيو،
جڏهن ته ٻين راندين جا مقابلا پڻ سڄو هفتو جاري رهندا. هوڏانهن راندين جو هفتو ملهائڻ واري افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ايس ايم بي قئپس جي پرنسپل سيد الطاف حسين شاهه خطاب ڪندي چيو ته هميشه ايس ايم بي قئپس جي ٻارن پڙهائي توڙي راندين ۾ پاڻ مڃرايو آهي، راند به زندگي جو حصو آهي، جنهن ۾ پڻ ٻارن کي اڳتي اچڻ گهرجي.
ان موقعي تي مرتضيٰ يار محمد بلوچ خالد جمع جوکيو غلام حسين بلوچ رزاق سالار ۽ ٻين چيو ته ايس ايم بي قئپس جي ٻارن ۾ هميشه اسان ڏٺو آهي ته پڙهائي ۾ ته سڀ کان وڌيڪ اڳڀرا هوندا آهن پر راندين ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ آهن اهڙيون خوبيون تمام گهٽ ٻارن ۾ هونديون آهن
انهن وڌيڪ چيو ته پڙهائي سان گڏو گڏ ٻارن ۾ راندين جو رجحان پيدا ڪرڻ به تمام گهڻو ضروري هوندو آهي، ايس ايم بي قئپس راندين جو هفتو شروع ڪري ٻارن ۾ هڪ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو آهي، جيڪو پڙهائي سان گڏوگڏ تمام ضروري آهي، ڪراٽي ۽ ڪمانڊو ٽيمن جي پرفارمنس تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن سردار علي بلوچ چيو ته پنهنجا ٽيمن ۾ موجود شاگردن دل سان محنت ڪئي آھي،
جيڪڏهن اهڙن شاگردن تي اڃا وڌيڪ محنت ڪبي ته اهي ئي ٻار پنهنجي صلاحيتن ذريعي هن اسڪول ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪندا ان موقعي تي عوامي پريس ڪلب ملير شوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن جي جنرل سيڪريٽري عبدالقادر درس قاضي لطيف عنايت قمبراڻي شفقت شيخ نذير سنديلو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ڊسمبر 19, 2024