ملير : سڪڻ ٿاڻي جي حد ۾ تيز رفتار ٽرڪ معصوم ٻارڙي کي چيڀاٽجي ڇڏيو

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) سڪڻ ٿاڻي جي حد ريڙهي ڳوٺ جي ٽيٻاري پاڙي ۾ تيز رفتار ٽرڪ معصوم ٻارڙي کي چيڀاٽجي ڇڏيو،

ٻارڙو اسپتال ويندي رستي م فوت، فوتي ٻارڙي جي   سڃاڻپ علي بخش ٽيٻاري طور ڪئي وئي، ٽرڪ هلائيندڙ  ڊرائيور لال خان پٺاڻ ننڍڙي عمر جو ھو جنھن کي وارثن  لڪائي ڇڏيو، ننڍڙو گھر جو سامان وٺڻ لاء ٻار نڪتو ته واقعو پيش آيو

 جنهن جي  اسان کي خبر نه پئي  اسپتال به پٺاڻ  کڻائي ويا ٻارڙي جا وارث ، ٻارڙي جو مڙھ  مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي  تفصيل موجب ملير جي علائقي ريڙهي ڳوٺ جي  ٽيٻاري پاڙي دڪان تان سامان وٺڻ لاءِ گهران نڪرندڙ 5ورهين  جي معصوم نينگر   علي بخش پٽ اختر علي ٽيٻاري تي تيز رفتار ٽرڪ  چڙهي وئي

  جنهن سبب ٻارڙو اسپتال ويندي فوت ٿي ويو   ان سلسلي ۾ ٻارڙي جي وارٿن جو چوڻ هو  ته  حادثي متعلق اسان کي خبر نه هئي ننڍڙي کي اسپتال به  پٺاڻ  کڻائي ويا هئا  ٽرڪ ننڍي عمر جو ڊرائيور  لال زمان خان هلائي رهيو هو

جنھن کي وارثن  لڪائي ڇڏيو آهي گاڏي  پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي  ٻئي طرف پٺاڻن جو وفد فوتي ٻار جي وارثن وٽ ميڙ کڻي پهتو   ھوڏانھن آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

ڊسمبر 19, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو