اهم ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽر انجري جو شڪار، پاڪستان خلاف سيريز مان ٻاهر
ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٻي ون ڊي ميچ کان اڳ ڪيشو مهاراج انجرڊ ٿي ويو.
ذريعن موجب، ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽر ڪيشو مهاراج انجري جو شڪار ٿي سيريز جي باقي ميچن مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
ذريعن موجب. اسڪين ۾ ڪيشو مهاراج جي انجري جي تصديق ٿي وئي آهي ۽ هاڻي سندس جاءِ بيوزن فوٽوئن کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته پاڪستان کي ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽن هڪ ڏينهن واري ميچن جي سيريز ۾ هڪ ٻڙي جي سرسي حاصل آهي، سيريز جي ٻي ميچ اڄ ڪيپ ٽائون ۾ کيڏي ويندي.