ڳالهين جي شروعات پي ٽي آءِ باني کي ڪرڻ گهرجي، ٻين جي حيثيت ئي ناهي: خواجا آصف
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف تحريڪ انصاف سان ڳالهين واري عمل کي مذاق قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان کي پي ٽي آءِ طرفان ڪو به پيغام ناهي مليو.
قومي اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته 5 منٽ اڳ پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي حوالي سان مان پنهنجي وزيرن کان پڇيو، جنهن تي هنن چيو ته اسان سان هن وقت تائين ڪنهن به رابطو ناهي ڪيو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت کي ٻڌائي ته اسان ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا، ڳالهين جو عمل اسپيڪر ذريعي شروع ڪيو وڃي، پي ٽي آءِ پهريان رابطو ڪندي پوءِ جواب ڏيڻ جي پوزيشن ۾ هونداسين.
سندس چوڻ هو ته جن حالتن ۾ پي ٽي آءِ وارا ڳالهين جو چئي رهيا آهن ڏسڻو پوندو ته 26 نومبر کان اڳ ڪهڙي ٻولي ڳالهائي رهيا هئا، اڃا تائين تحريڪ انصاف جي لهجي ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي.
خواجا آصف وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڳالهيون ڪرڻيون آهن ته زبان کي خاموش رکڻو پوندو ۽ لهجو نرم رکڻو پوندو، باني پي ٽي آءِ کي حڪومت سان ڳالهيون شروع ڪرڻ گهرجن، باني پي ٽي آءِ کانسواءِ تحريڪ انصاف ۾ ڪنهن جي حيثيت ئي ناهي.