هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري لاءِ نامزدگي ٽن سينيئر ترين ججن مان ٿيندي: تجويز ڪيل رولز جاري
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جستس جمال خان مندوخيل ڪميٽي جا تجويز ڪيل رولز سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي جاري ڪري ڇڏيا.
سپريم ڪورٽ جي ترجمان موجب ججن جي تجويز ڪيل مقررين لاءِ رولز عوامي تبصرن ۽ راءِ لاءِ جاري ڪيا ويا آهن ۽ تجويز ڪيل رولز تي سڀ تبصرا ۽ تاثر 20 ڊسمبر تائين جمع ڪرائي سگھجن ٿا.
ترجمان چيو ته تجويز ڪيل رولز جي 21 ڊسمبر تي منظوري لاءِ جڊيشل ڪميشن غور ڪندي.
هاءِ ڪورٽس ۽ وفاقي شرعي عدالت ۾ ججن جي مقرري جي تجويز ڪيل قاعدن جا تفصيلات به سامهون آيا آهن.
تجويز ڪيل قاعدن موجب جج طور مقرري لاءِ ميرٽ جو تعين آئين تحت جج جي حلف ۾ داخل معيار موجب ڪيو ويندو، بنا خوف ۽ رعايت، محبت يا بغض کانسواءِ سڀني طبقن سان انصاف ڪرڻ جي صلاحيت ضروري هوندي.
تجويز ڪيل قاعدن ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن نامزد شخص جي ميرٽ جو جائزو وٺندي پيشيوراڻي قابليت ۽ تجربي کي نظر ۾ رکيو ويندو، قانوني صلاحيت، ڪارڪردگي، ايمانداري ۽ خود مختياري کي پڻ نظر ۾ رکيو ويندو.
تجويز ڪيل قاعدن موجب پنهنجي نامزدگي تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ رابطو ڪندڙ جج طور مقرري لاءِ نااهل قرار ڏنو ويندو.
تجويز ڪيل قاعدن ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن امڪاني يا موجوده خالي جاءِ لاءِ جڊيشل ڪميشن جو ڪو به رڪن نامزدگيون پيش ڪري سگھي ٿو، سپريم ڪورٽ ۾ جج جي مقرري لاءِ نامزدگي لاڳاپيل هاءِ ڪورٽ جي پنجن سينيئر ترين ججن مان ڪئي ويندي ۽ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري لاءِ نامزدگي لاڳاپيل هاءِ ڪورٽ جي ٽن سينيئر ترين ججن مان ڪئي ويندي.