”ڳالهين جو ڪو نتيجو نه نڪرندو“ خواجا آصف جو پي ٽي آءِ بابت وڏو بيان

Spread the love

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته تحريڪ انصاف ڪڏهن سول نافرماني ۽ ڳالهين جو چئي رهي آهي، انهن جيڪو ماحول ٺاهيو آهي، ان ۾ ڪنهن ڳالهين جو نتيجو نه نڪرندو.
سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته يونان ٻيڙي حادثو اسان جي سسٽم جي ناڪامي آهي ۽ حڪومت جو حصو هوندي سمجهان ٿو ته ان معاملي جو حل پهرين ترجيح هجڻ گهرجي.
هن چيو ته سياسي حالتون معمول تي آهن، جماعتن جون هڪٻئي سان شڪايتون ٿينديون رهنديون آهن، پارٽين جا پنهنجا ٽارگيٽ هوندا آهن، تنهن ڪري اهڙا بيان ايندا رهندا آهن.
سندس موجب منهنجي علم ۾ ناهي ته پي ٽي آءِ سان ڳالهين جو سلسلو شروع ٿيو آهي، انهن جي بيانن ۾ ڪا هم آهنگي ناهي، ڪڏهن سول نافرماني ته ڪڏهن ڳالهين جو چون ٿا، اهڙي ماحول ۾ ڳالهين جو ڪو نتيجو نٿو نڪري سگهي.

ڊسمبر 16, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو