پ پ وفاقي ڪابينا جو اڳ به حصو نه هئي، اڳتي به نه ٿيندي: يوسف رضا گيلاني
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پ پ سان حڪومت جو جيڪو لکت معاهدو ٿيو، ان تي عمل ڪيو وڃي.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته پ پ وفاقي ڪابينا جو اڳ به حصو نه هئي ۽ اڳتي به نه ٿيندي.
هن چيو ته پ پ کي خدشا هئا، جنهن تي ڳالهيون جاري آهن، جڏهن ڪا حتمي ڳالهه ٻولهه ٿي ته سڀني کي آگاهه ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته مهذب دنيا ۾ ڳالهين سان ئي مسئلا حل ڪيا ويندا آهن، سمورن سياسي مسئلن جو حل ڳالهين ۾ آهي.