ن ليگ جو سينيئر اڳواڻ لاڏاڻو ڪري ويو

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جو سينيئر اڳواڻ صديق الفاروق لاڏاڻو ڪري ويو.
صديق الفاروق جي خانداني ذريعن لاڏاڻي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته هو ڪجهه عرصي کان دل جي عارضي ۾ مبتلا هو.
واضح رهي ته صديق الفاروق اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو پريس سيڪريٽري به رهيو، هن 3 سال جيل ڪاٽي ۽ هڪ ڪتاب پڻ لکيو.
وزيراعظم شهباز شڙيف سينيئر اڳواڻ صديق الفاروق جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ن ليگ مخلص سياستدان کان محروم ٿي وئي.

ڊسمبر 15, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو