بشريٰ بي بي علي امين تي پٿراءُ ڪرايو: عطا تارڙ جي دعويٰ

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ پاران پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل گمراھه ڪندڙ بريفنگ جو حقيقت سان ڪو واسطو ناهي، علي امين گنڊاپور جيتريون به ڀڀڪيون هڻي، ان جو هر سڏ ناڪام ٿيندو.
صحافين سان ڳالهائيندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته اسان پي ٽي آءِ جي ايندڙ سڏ جو انتظار ڪري رهيا آهيون، جيئن فائنل ڪال ناڪام ٿي هئي، ائين ايندڙ سڏ به ناڪام ٿيندو، انهن جو ڪو به سڏ پرامن ناهي رهيو، جيڪڏهن قانون هٿ ۾ کنيو ويو ته ڪريڪ ڊائون ٿيندو، هاڻي انهن ۾ همت ناهي رهي جو ڪو سڏ ڏين.
هن چيو ته سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ وارا ادارن خلاف پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل گمراھه ڪندڙ بريفنگ جو حقيقت سان ڪو واسطو ناهي ۽ اها بريفنگ ڪوڙ تي ٻڌل آهي، علي امين گنڊاپور ڪوڙ تي ٻڌل الزام لڳايا آهن، توهان 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ڪيو، قوم ان کي ڪڏهن به وساري نٿي سگھي.
سندس چوڻ هو ته بشريٰ بي بي علي امين تي پٿراءُ ڪرايو، فوٽيج سامهون آيا آهن ته ڪارڪنن توهان جي گاڙي تي پٿر هنيا، علي امين ۽ بشريٰ بي بي پنهنجي ڪارڪنن کي ڊي چوڪ تي اڪيلا ڇو ڇڏي ويا؟

ڊسمبر 15, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو