الو ارجن جي گرفتاري تي مداح طرفان جيل ٻاهران آپگهات جي ڪوشش
ممبئي (شوبز نيوز) ڏکڻ ڀارتي فلم انڊسٽري جي سپر اسٽار الو ارجن جي مداح جيل ٻاهران آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
گذريل ڏينهن الو ارجن کي ڀاڄ سبب عورت فوت ٿيڻ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ عدالت کيس جڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪليو هو.
تلنگانا هاءِ ڪورٽ الو ارجن جي 50 هزار ڀارتي رپين جي مچلڪن عيوض 4 هفتن جي عبوري ضمانت منظور ڪئي پر آرڊر دير سان جاري ٿيڻ سبب اداڪار کي رات جيل ۾ گذارڻي پئي،
پوءِ اڄ صبح کيس جيل مان آزاد ڪيو ويو. گذريل ڏينهن الو ارجن جي هڪ مداح سندس آزادي لاءِ جيل ٻاهران آپگهات جي ڪوشش ڪئي، 25 ورهين جي مداح حيدرآباد جي چنچال گڊا سينٽرل جيل ٻاهران پهچي الو ارجن جي آزادي جو مطالبو ڪيو.
ان دوران مداح پيٽرول هاري پاڻ کي باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر اتي موجود اهلڪارن آپگهات جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي کيس گرفتار ڪري ورتو. پوليس الو ارجن جي مداح کي علاج لاءِ اسپتال موڪلي ڇڏيو.
ڊسمبر 15, 2024