پاڪستان ۾ هلندڙ سال پوليو ڪيسن جو انگ 63 ٿي ويو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ هلندڙ سال هيل تائين سامهون آيل پوليو ڪيسن جو انگ 63 ٿي ويو.
نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ جي ريجنل ريفرنس ليبارٽري پاڪستان ۾ وڌيڪ 4 پوليو ڪيسن جي تصديق ڪري ڇڏي.
ريجنل ريفرنس ليبارٽري موجب ڊي آءِ خان، ٽانڪ، جيڪب آباد ۽ سکر مان پوليو جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.
هلندڙ سال بلوچستان مان 26، خيبر پختونخواهه مان 18، سنڌ مان 17، پنجاب ۽ اسلام آباد مان هڪ – هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي ۽ ملڪ ۾ مجموعي انگ 63 ٿي ويو آهي.