پاڪستاني سياحن لاءِ خوشخبري، هاڻ ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي ضرورت نه پوندي!

Spread the love

بالاڪوٽ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو هارٽ ايئر بلون لانچ ڪيو ويو، جيڪو ايڊوينچر سياحت جي شوقين ماڻهن لاءِ ڪنهن عجوبي کان گهٽ ناهي.
دنيا جي بلند ترين هارٽ ايئر بلون کي پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو سياحتي هنڌ تي لانچ ڪيو ويو، مانسهرا ضلعي جي تاريخي هنڌ بالاڪوٽ ۾ پاڪستان جي پهرين هارٽ ايئر بلون جو باقاعدا افتتاح ڪيو ويو، اهو پاڪستان ۾ ونٽر ٽور ازم ۽ بين الاقوامي سياحت کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو.
بيلون پائلٽ عبدالباسط موجب ايڊوينچر جي شوقين سياحن کي هاڻ ٻاهرين ملڪن وڃڻ جي ضرورت ناهي، اهي هارٽ ايئر بلون ۾ ويهي درياهه سميت ڪاغان وادي جي بلند ترين سياحتي هنڌن جا دلڪش منظر ڏسي لطف اندوز ٿي سگهن ٿا.

ڊسمبر 14, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو