ملڪي معيشت لاءِ سٺي خبر، گئس جا نوان ذخيرا هٿ

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) او جي ڊي سي ايل خيبر پختونخواهه جي ضلعي لڪي مروت جي بيٽاني-2 کوهه ۾ گيس ۽ ڪنڊينسيٽ جا نوان ذخيرا دريافت ڪيا آهن.
او جي ڊي سي ايل جي ترجمان موجب ولي بلاڪ ساماناسڪ فارميشن ۾ هيءَ پهرين هائيڊرو ڪاربن دريافت آهي، ساماناسڪ فارميشن مان روز 2.14 ملين اسٽينڊرڊ ڪيوبڪ فٽ گيس ۽ 74 بيرل ڪنڊينسيٽ جي پيداوار حاصل ڪئي پئي وڃي.
ترجمان چيو ته ساماناسڪ فارميشن ۾ بيٽاني – 2 کوهه او جي ڊي سي ايل جي اهم دريافت آهي، علائقي ۾ وڌيڪ کوهه کوٽڻ جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي.

ڊسمبر 14, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو