نئين توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو

Spread the love

اسلام آباد: توشا خانا ٽو ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس زال بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.
اسلام آباد جي اسپيشل ڪورٽ سينٽرل ون جي جج شاهه رخ ارجمند توشا خانا جي ٻئي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو ڪيو.
ڪيس جي شروعاتي جاچ نيب پاران ڪئي وئي هئي ۽ نيب ترميمن جي روشني ۾ هي ڪيس ايف آءِ اي کي منتقل ڪيو ويو هو.
سيپٽمبر 2024 ۾ ايف آءِ اي جاچ کانپوءِ چالان عدالت ۾ جمع ڪرايو هو.
واضح رهي ته توشا خانا جي پهرئين ڪيس ۾ عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي بري ڪري چڪي آهي.
ان کانسواءِ ايف آءِ اي توشا خان ٽو ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو، جنهن ۾ ان کي ڪاميابي نه ملي ۽ عدالت اها درخواست اڪلائي ڇڏي.

ڊسمبر 12, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو