چئن مهينن ۾ گيس ساڍا 800 سيڪڙو مهانگي ٿيڻ جو انڪشاف
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڳڻپ کاتي رڳو چئن مهينن ۾ گيس جي قيمت ۾ ساڍا 800 سيڪڙو واڌ جو انڪشاف ڪيو آهي.
ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ جا تفصيل پيش ڪيا ويا.
ڳڻپ کاتي ٻڌايو ته گذريل 5 سالن دوران کنڊ جي قيمت ۾ 53 سيڪڙو ۽ پام آئل جي قيمت ۾ 61 سيڪڙو واڌ ٿي، سويابين آئل، ڪڻڪ ۽ ڪچي تيل جا اگهه گذريل 5 سالن ۾ 35 سيڪڙو وڌيا.
اختيارين آءِ ايم ايف پروگرام تحت بجلي ۽ گيس جي اگهن ۾ واڌ کي مجموعي مهانگائي جو سبب قرار ڏنو.
اختيارين موجب حڪومت نومبر 2023 ۾ گيس جي ٽيرف ۾ 520 سيڪڙو، جڏهن ته فيبروري 2024 ۾ 319 سيڪڙو واڌ ڪئي.