پي ٽي آءِ چيئرمين جو 9 مئي واقعن تي ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر چيو آهي ته اسان جي ماڻهن سان زيادتي ٿي، گوليون هلايون ويون، اسان کي ٻيهر روڊن تي اچڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي.
قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي بئرسٽر گوهر چيو ته عوام جو روڊن تي احتجاج جمهوريت جو حصو آهي، اسان جي ماڻهن سان زيادتي ٿي، انهن تي گوليون هلايون ويون، دنيا ۾ ڪٿي به پرامن احتجاج تي گوليون ناهن هلايون وينديون.
هن چيو ته اسان جي ماڻهن وٽ هٿيار نه هئا، جيڪڏهن فائرنگ ٿي ته ان جي ذميواري به لاڳو ٿيڻ گهرجي، هن ملڪ ۾ اڳ به جاچ ڪميشنز ٺهيون پر ڪجهه نه ٿيو، هي ايوان اڄ تائين پنهنجي ميمبرن ۽ انهن جي ٻارن جو تحفظ نه ڪري سگهيو.
سندس چوڻ هو اسان ڪميٽي ان ڪري ٺاهي ته غلطين کي ٺيڪ ڪيون، ان کي ڪمزوري نه سمجهو، 9 مئي واقعن تي ڪميشن ٺاهي وڃي، هي ايوان اسان کي انصاف ڏئي.