موبائل فون واهپيدارن کان 338 ارب رپيا ايڊوانس ٽيڪس وصولي جو انڪشاف
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزارت موبائل فون واهپيدارن کان 5 سالن دوران 3 کرب 38 ارب رپيا ٽيڪس وصولي جو انڪشاف ڪري ڇڏيو.
ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ موبائل فون واهپيدارن کان ٽيڪس وصولي جا تفصيل پيش ڪيا ويا.
ناڻي واري وزارت ٻڌايو ته گذريل 5 سالن دوران موبائل فون واهپيدارن کان 3 کرب 38 ارب رپيا وصول ڪيا ويا.
دستاويز موجب واهپيدارن کان 2020 ۾ 50 ارب، 2021 ۾ 55 ارب ايڊوانس ٽيڪس جي مد ۾ ورتا ويا.
اهڙي ريت فون بيلنس تي 2022 ۾ 61 ارب ۽ 2023 ۾ 80 ارب ٽيڪس وصول ڪيو ويو، جڏهن ته مالي سال 2024 دوران واهپيدارن کان ايڊوانس ٽيڪس جي مد ۾ 92 ارب رپيا وصول ڪيا ويا.