عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ جو مک ڪردار جنرل فيض هو: خواجا آصف

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ جو مک ڪردار جنرل فيض هو، اها پارٽنرشپ 9 مئي ۾ به هلي ۽ ان کانپوءِ به هلندي رهي، ڪو انڪار ٿو ڪري ته ثبوت موجود آهن.
پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته عمران خان ۽ فيض حميد 5 کان 6 سالن تائين حصيدار هئا، عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ جو مک ڪردار جنرل فيض هو، ٻنهي جي پارٽنر شپ 2018 کان اڳ جي آهي، جيڪا 9 مئي تي به هلي ۽ ان کانپوءِ به هلندي رهي، جيڪڏهن ڪير انڪاري آهي ته ثبوت موجود آهن، ان سان پارٽنر شپ ثابت ٿي ويندي.
هن چيو ته عمران خان جي ملٽري ٽرائل بابت قانون فيصلو ڪندو، عمران خان جي دور ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جو ملٽري ٽرائل ٿيو، شاهديون سامهون اينديون ته لازمي طور ڪجهه نه ڪجهه اثر پوندا.

ڊسمبر 11, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو