جناح هائوس حملو: حسان نيازي جي ڀيڻ ڏوهي ۽ 8 ڪارڪن بي ڏوهه قرار
لاهور (ويب ڊيسڪ) جناح هائوس حملي ڪيس جي جي آءِ ٽي 8 پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي بي ڏوهه ۽ حسان نيازي جي ڀيڻ کي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو.
لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج منظر علي گل جناح هائوس حملي ۽ ڀڃ ڊاهه جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو ته جي آءِ ٽي جاچ ۾ عورتن سميت 8 پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي بي ڏوهه قرار ڏنو آهي.
بي ڏوهه قرار ڏنل ماڻهن جي وڪيلن ضمانت جون درخواستون واپس وٺڻ جي اپيل ڪئي، جنهن تي عدالت ضمانت جون درخواستون واپس وٺڻ جي بنياد تي انهن کي اڪلائي ڇڏيو.
جي آءِ ٽي جاچ ۾ حسان نيازي جي ڀيڻ حاجرا نيازي کي ڏوهي قرار ڏنو، جڏهن ته فاطمه حيدر، بينا ذيشان ۽ رخسانا نويد به ڏوهي نڪتيون.
پوءِ عدالت حاجرا نيازي سميت ٻين جي عبوري ضمانت ۾ 15 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي.