9 مئي واقعن جي عدالتي جاچ لاءِ عمران خان جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ 9 مئي واقعن جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي عمران خان جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتو.
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ 9 مئي واقعن جي عدالتي جاچ لاءِ عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته درخواست عوامي اهميت جي ناهي ۽ ان تي اعتراض آهن، ان تي عدالت رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪندي ان کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
پي ٽي آءِ باني جي وڪيل حامد خان چيو ته ڏيڍ سال ٿي چڪو آهي، پتو ته لڳايو 9 مئي تي ڇا ٿيو هو؟ 9 مئي کانپوءِ سوين ڪيس ٿيا، هڪ سياسي جماعت کي ڀت سان لڳايو ويو.
جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته توهان هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڇو نه ڪيو؟ حامد خان چيو اهو ڪنهن صوبي جو نه سڄي ملڪ جو معاملو آهي، تنهن ڪري هتي آياسين.
عدالت چيو ته في الحال رڳو اعتراض ختم ڪري رهيا آهيون، اڃا ميرٽ تي ڪيس ناهي ٻڌو، ڪيس ٻيهر مقرر ٿيڻ تي اٿاريل سوالن تي عدالت کي مطمئن ڪرڻو پوندو.
ٻڌڻي دوران جسٽس مسرت هلالي ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ڪميشن ٺهي به وئي ته رڳو ذميواري ئي فڪس ڪندي، جڊيشل ڪميشن رپورٽ جو فوجداري ڪيسن تي اثر نه پوندو.
پوءِ سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.