ٻاهرئين ملڪ مان ايندڙ پاڻ سان گڏ ڪيتريون موبائل فونز آڻي سگهندا؟ اهم خبر

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف بي آر چيئرمين ٻاهرئين ملڪ مان هڪ کان وڌيڪ موبائل فون آڻڻ تي پابندي جي تجويز تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو.
ايف بي آر چيئرمين ڪسٽم جي بيگيج رولز 2006 ۾ تجويز ڪيل ترميمون واپس وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ۽ فوري طور تي ٻاهرئين ملڪ مان هڪ کان وڌيڪ موبائل فون آڻڻ تي پابندي جي تجويز تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته موجوده رولز 2006 تحت ٻاهرئين ملڪ مان ايندڙ کي ٻه موبائل فونز آڻڻ جي اجازت برقرار آهي.
ان کانسواءِ ايف بي آر چيئرمين 1200 ڊالرن کان وڌيڪ جي ڪمرشل شين تي پابندي جي تجويز واپس وٺڻ جي هدايت به ڪري ڇڏي ۽ رولز ۾ تجويز ڪيل ترميمون واپس وٺي مشاورت ڪري ٻيهر پيش ڪرڻ جو چيو.
واضح رهي ته ايف بي آر گذريل ڏينهن بيگيج اسڪيم ۾ ترميم بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، جنهن تحت ٻاهرئين ملڪ مان ڪمرشل مقدار ۾ شيون گڏ آڻڻ تي مڪمل پابندي جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ذاتي استعمال لاءِ رڳو هڪ موبائل فون آڻڻ جي اجازت ڏني وئي هئي.

ڊسمبر 10, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو