ماھوار قسط مان پگھارون ۽ ٻيو خرچ ڪڍي مسلسل رقم بچائي پي وئي: راڻا حاجي محمد انور راجپوت
سنجھورو ( رپورٽ: احمد حسن خاصخيلي ) ميونسپل ڪميٽي سنجھورو پاران شھر ۾ ترقياتي اسڪيمن تي مشتمل پراجيڪٽ فراھم ڪري ڇڏيو ـ شھرين جي تڪيلف کي محسوس ڪندي ترقياتي رٿا آندي ـ راڻا حاجي انور ـ ان سلسلي ۾ رپورٽ موجب سنجھورو شھر ۾ ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ترقياتي رٿائن بابت ڪرايل اين آئي ٽي جي سلسلي ۾ ميونسپل ڪميٽي سنجھورو پاران ميونسپل ڪميٽي جي آفيس ۾ اوپن ٽينڊرز منعقد ڪيا ويا،
جنهن ۾ سانگهڙ ضلعي جي ٺيڪيدارن ۽ ٻين ضلعن جي ٺيڪيدارن به شرڪت ڪئي. سنجھورو شھر ۾ ترقياتي ڪمن جي ڪمي محسوس ڪندي شھر جي ٽن وارڊن ۾ پئيڻ جي پاڻي ـ ڊرينج نظام سميت ٻيون سھولتون ڏيڻ لا دفتري پرميشن تحت ۽ڪ اين آئي ٽي ڪرائي وئي ھئي
جھن مطعلق اڄ ٺيڪا ڏيڻ لا تقريب منقعد ڪئي رابطو ڪرڻ تي ميونسپل ڪميٽي جي چيرمين راڻا حاجي محمد انور راجپوت ٻڌايو تھ ماھوار قسط مان پگھارون ۽ ٻيو خرچ ڪڍي مسلسل رقم بچائي پي وئي جيڪا رقم شھرين جي امانت سمجهي گڏ ڪئي ان مان اين آي ٽي ڪرائي جئين شھرين کي سھولت ميسر ٿي سگھي
سندس چوڻ ھيو تھ شھر جي مختلف وارڊن ۾ پئيڻ جي پاڻي جو وڏو فقدان ھيو شھرين جي ان تڪليف کي ڏسندي اھڙو پراجيڪٽ آندو شھر ۾ ھڪ وارڊ ۾ سيورج لاين پڻ فراھم ڪئي ھوڏانھن بھتر ڪم ڪرڻ تي سنجھورو جي مختلف سياسي سماجي ڪاروباري ادبي صحافتي حلقن روبرو پھچي چيرمين راڻا حاجي انور راجپوت کي ترقياتي رٿائن جو پراجيڪٽ آڻڻ تي مبارڪباد ڏني.
ڊسمبر 10, 2024