عمران خان کي فوجي تحويل ۾ وٺڻ تي حيراني نه ٿيندي: فيصل واوڊا
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني کي فوجي تحويل ۾ وٺڻ تي حيراني نه ٿيندي، فيض حميد تي چارج شيٽ سان ثابت ٿي ويو ته ڪير به قانون کان نٿو بچي سگهي.
پنهنجي بيان ۾ فيصل واوڊا چيو ته مان اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته پي ٽي آءِ جو سول نافرماني جو سڏ فيض حميد جي ٽرائل سان جڙيل آهي، ائين نٿو ٿي سگهي ته هڪ شخص جو ٽرائل ٿئي ۽ ان جي ساٿين جو نه، پي ٽي آءِ باني ۽ فيض حميد کي 9 مئي کان ڌار نٿو ڪري سگهجي.
هن چيو ته بشريٰ بي بي عمران خان کي مارائڻ چاهي ٿي، مان پي ٽي آءِ باني کي بچائڻ لاءِ چئي رهيو هيس، تنهن ڪري مون کي پارٽي مان ڪڍيو ويو.