سول نافرماني جو سڏ ملڪ دشمني آهي، اسلام آباد تي چڙهائي ڪندڙن کي نه ڇڏينداسين: وزيراعظم
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سول نافرماني جي سڏ کي ملڪ دشمني قرار ڏئي ڇڏيو.
وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سياسي استحڪام پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ اهم آهي، آذربائيجان جي پاڪستان ۾ ٻه ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري آهي، هفتيوار مهانگائي جي شرح گهٽجي 3.5 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.
هن سول نافرماني جي سڏ کي ملڪ دشمني قرار ڏيندي چيو ته سول نافرماني کان وڏي ملڪ دشمني نٿي ٿي سگهي، اسلام آباد تي چڙهائي ڪري ملڪ خلاف سازش ڪئي وئي، حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته ان سازش جي ذميوارن کي ثبوتن سان گڏ انجام تي پهچايو وڃي ۽ ڪنهن بي ڏوهه ۾ هٿ نه وڌو وڃي.