سعودي عرب ۽ بحرين ۾ ملازمت جي خواهشمند پاڪستانين لاءِ وڏي خوشخبري
سعودي عرب ۽ بحرين وڃي ملازمت ڪرڻ جا خواهشمند پاڪستاني شهري دي اوورسيز ايپلائمينٽ ڪارپوريشن ذريعي اها خواهش پوري سگهن ٿا.
اوورسيز ايپلائمينٽ ڪارپوريشن سعودي عرب ۽ بحرين لاءِ افرادي قوت موڪلڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن تحت ميڊيڪل پروفيشنلز سميت ٻين هنرمند ماڻهن کي انهن ملڪن ۾ ملازمت لاءِ موڪليو ويندو، گهربل قابليت ۽ تجربو رکندڙ ملازمت لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿا.
ملازمت حاصل ڪرڻ جو عمل افرادي قوت جي وزارت تحت ڪم ڪندڙ دي اوورسيز ايپلائمينٽ ڪارپوريشن ذريعي مڪمل ڪيو ويندو.
اهي ميڊيڪل پروفيشنلز مرد ۽ عورتون جيڪي ملازمت حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهن، انهن جي عمر 50 سالن کان گهٽ هجڻ گهرجي، گهربل قابليت ۾ ميڊيسن (ايم بي بي ايس) يا ان جي برابر سند هجڻ لازمي آهي.
ان کانسواءِ اميدوار لاءِ ايڇ آءِ ايم اي اي، آءِ سي ڊي ٽين اي سي ايڇ آءِ، اي سي ايس تعارفي ڪورس ۽ صحت يا انشورنس جي ڪنهن به اداري ۾ پروسيسر يا آڊيٽر آف انشورنس ڪليمز جي حيثيت سان 4 سالن جو تجربو لازمي آهي.
تعميرات جي شعبي لاءِ به ريڪروٽنگ ڪئي پئي وڃي، دلچسپي رکندڙ ماڻهو 18 ڊسمبر 2024 تائين پنهنجون درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا.
تعميراتي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ جيڪا قابليت گهربل هوندي، ان ۾ ليباريٽر مئنيجر جي جاب لاءِ بي ايس سي انجنيئرنگ، بي ٽيڪ، گريجوئيشن، سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما آف ايسوسيئيٽ انجنيئر جي ڊگري هجڻ گهرجي.
اميدوار 5 سال سپروائزري پوزيشن سميت 15 سالن جو تجربو رکندڙ هجي، ليب مئنيجر اسٽاف جي نگراني سان گڏ فيلڊ آپريشنز کي به سنڀالي.
ليبارٽري ٽيڪنيشن لاءِ ايسوسيئيٽ انجنيئرنگ ۾ 3 سال ڊپلوما يا سائنس سان لاڳاپيل شعبي ۾ ڪاليج ڊگري هجڻ گهرجي، ليب ٽيڪنيشن ڪنڪريٽ، ايگريگيٽ، مٽي ۽ ايسفالٽ جي ٽيسٽنگ جا فرض انجام ڏيندو.
دلچسپي رکندڙ ماڻهو oec.gov.pk تي درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا، ميڊيڪل پروفيشنلز ۽ ليب مئنيجر کي هڪ هزار رپيا، جڏهن ته ليب ٽيڪنيشنز کي 500 رپيا بينڪ چالان جمع ڪرائڻو پوندو، آن لائن درخواست جمع ڪرائڻ جي عمل دوران ئي بينڪ چالان به جنريٽ ٿيندو.