پرينيتي، رنبير سان ڪم نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا پرينيتي چوپڙا انڪشاف ڪيو آهي ته هن سنديپ ريڊي ونگا جي فلم اينيمل بدران امتياز علي جي فلم چمڪيلا جي چونڊ ڇو ڪئي.
ويجهڙ ۾ مشحور پروگرام ” آپ ڪي عدالت “ ۾ پنهنجي فلمي چونڊ تي ڳالهائيندي اداڪارا انڪشاف ڪيو ته هن اينيمل بدران چمڪيلا جي چونڊ ڇو ڪئي.
پرينيتي ٻڌايو ته ساڻس اينيمل ۾ رشميا مندنا جي ڪردار لاءِ رابطو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ مک ڪردار رنبير ڪپور ادا ڪري رهيو هو، پر شيڊيولنگ مسئلن سبب کيس اينيمل بدران چمڪيلا جي چونڊ ڪرڻي پئي.
هن چيوته ” مون کي ٻنهي فلمن مان هڪ جي چونڊ ڪرڻي هئي، مان چمڪيلا ۾ ڪم ڪرڻ جو پهه ڪيو ڇو ته ان جي ڪهاڻي سان اڳواٽ محبت ٿي چڪي هئي، اِها خبر نه هئي ته هيءَ فلم منهنجي زندگيءَ هڪ محبت به آڻيندي.“
دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته چميڪلا جي شوٽنگ دوران پرينيتي جي ملاقات پنهنجي موجودا مڙس، سياستدان راگهو چڍا سان ٿي.
پرينيتي ٻڌايو ته سندن پهرين ملاقات لنڊن ۾ هڪ ايوارڊ شو دوران ٿي، جتي سندس ڀاءِ شيوانگ راگهو لاءِ پنهنجي تعريف جو اظهار ڪيو هو، جيڪو سندن دوستي جو سبب بڻيو.

ڊسمبر 9, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو