چيمپيئنز ٽرافي: بي سي سي آءِ جواب ڏيڻ کان انڪاري، آءِ سي سي بورڊ اجلاس وري ملتوي
دبئي (ويب ڊيسڪ ) چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني بابت رٿيل آءِ سي سي جو اهم اجلاس هڪ ڀيرو وري ملتوي ٿي ويو.
ذريعن موجب، چيمپيئنز ٽرافي بابت آءِ سي سي جو اهم اجلاس اڄ ٿيڻو هو، جنهن ۾ ٽرافي جي ميزباني، وينيو ۽ شيڊيول بابت معاملا طئي ٿيڻا هئا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽورنامنيٽ بابت ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي پاڪستان جي مطالبن تي حڪومت کان جواب وٺي آءِ سي سي کي آگاهه ڪرڻو هو، پر بي سي سي آءِ طرفان اڃا تائين ڪو جواب نه اچڻ سبب بورڊ اجلاس ملتوي ڪيو ويو.
ذريعن موجب، پاڪستان جا شرط ڀارتي بورڊ بابت آهن جڏهن ته پي سي بي پنهنجي سخت موقف تي قائم آهي جنهن سبب چيمپيئنز ٽرافي جا معاملا رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن.
ذريعن جو اِهو به چوڻ ته ميگا ايونٽ جا معاملا حتمي مرحلي ۾ آهن پر پاڪستان جي مطالبن تي جواب نه اچڻ تي اجلاس جو ڪو فائدو ناهي.
ياد رهي ته ان کان اڳ به ٻه ڀيرا چيمپيئنز ٽرافي بابت آءِ سي سي اجلاس ملتوي ٿي چڪا آهن، بورڊ اجلاس پاڪستان جي ميزباني بابت سخت موقف ۽ ڀارت جي روايتي هوڏ سبب ملتوي ٿي رهيا آهن.