اسٽارڪ اکيون ڏيکاريندڙ جئسوال جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا
ايڊيليڊ (ويب ڊيسڪ) بارڊر – گواسڪر ٽرافي ۾ ڀارتي بيٽر يشسوي جئسوال کي آسٽريلوي بالر مچل اسٽار سان ڦٽائڻ مهانگو پئجي ويو.
ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ ايڊيليڊ ۾ جاري آهي، ڀارت آسٽريليا کي پهرين ٽيسٽ ۾ شڪست ڏئي پيغام ڏنو هو ته هيءَ سيريز ميزبان ڪينگروز لاءِ سولي نه هوندي.
پر پهرين ٽيسٽ ۾ آسٽريلوي بالر مچل اسٽارڪ کي اکيون ڏيکاريندڙ ڀارتي بيٽر جئسوال کي ٻي ٽيسٽ ۾ منهن ڀر ڪرڻو پيو.
ٿيو ڪجهه ايئن ته پرٿ ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ۾ ڀارتي ٽيم جي ٻي اننگز ۾ مستحڪم پوزيشن هئي ۽ جئسوال 161 رنسنن جي اننگز کيڏي.
ان اننگز دوران جئسوال اسٽارڪ چيڙائيندي چيو ته ” اوهان جو بال صفا هوريان اچي رهيو آهي“ اِهي لفظ اسٽمپ مائيڪ ذريعي ناظرين به ٻڌا، اسٽارڪ جئسوال جي اهڙي رويي کي مُرڪي نظرانداز ڪري ڇڏيو.
جئسوال جي جارحاڻي رويي کي ڀارتي شوقينن طرفان تمام گهڻو ساراهيو ويو ڇو ته ڪينگروز ميدان ۾ لفظي گولا باري لاءِ مشهور آهن کين ڀارتي بيٽر سندن ئي ميدان ۾ اکيون ڏيکاريون.
پر پهرين ٽيسٽ آسٽريليا جي شڪست تي ختم ٿي، پر هاڻي ايڊيليڊ ۾ جاري سيريز جي ٻي ٽيسٽ ۾ اسٽارڪ جئسوال جو وات بند ڪري ڇڏيو.
ٻي ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن ڀارتي ڪپتان روهت شرما ٽاس کٽي آسٽريليا خلاف پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو .
ڀارتي اننگز جي پهرئين ئي بال تي اسٽارڪ يشسوي جئسوال کي کاتو کولڻ بنا ايل بي ڊبليو ڪري پويلين اُماڻيو، ايڊيليڊ جي ميدان تي ڀارتي بيٽرز اسٽارڪ آڏو بيوس نظر آيا ۽ پوري ڀارتي ٽيم 180 رنسن تي ڍير ٿي ويئي، جڏهن ته مچل اسٽارڪ ڇهه وڪيٽون ورتيون.
سوشل ميڊيا تي جئسوال کي ٽرول ۽ اسٽارڪ جي واکاڻ ٿي رهي آهي ته هن پنهنجي بالنگ ذريعي ڀارتي بيٽر کي خاموش ڪرائي ڇڏيو.
واضح رهي ته پنجن ميچن جي سيريز ۾ ڀارت کي 0-1 جي سرسي حاصل آهي.