صدر مدرسا رجسٽريشن بل اعتراض لڳائي واپس موڪلي ڇڏيو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري مدرسن جي رجسٽريشن وارو بل اعتراض لڳائي واپس موڪلي ڇڏيو.
قومي اسيمبلي جي ذريعن موجب، مدرسن جي رجسٽريشن وارو بل صدر ڪجهه ڏينهن اڳ اعتراض لڳائي واپس اُماڻي ڇڏيو آهي ۽ صدر جي بل واپس موڪلڻ بعد حڪومت پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس سڏائڻ تي غور ڪري رهي آهي جيڪو ايندڙ هفتي سڏائڻ جو امڪان آهي، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ مدرسن جي رجسٽريشن وارو بل پيش ڪرڻ جو به امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ۾ مدرسن جي رجسٽريشن بل تي صدر جي صحيح نه ڪرڻ تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو هو.

ڊسمبر 5, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو