دادو: پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو يوٿ پاران 5 ڊسمبر ڪارو ڏينهن ملهائي سالار انقلاب شهيد مير مرتضیٰ ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ انصاف لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو يوٿ شهيد ڀٽو ضلع دادو پاران اڄ 5 ڊسمبر ڪارو ڏينهن ملهائي سالار انقلاب شهيد مير مرتضیٰ ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ انصاف لاءِ نوراني چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي دادو پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي،

ان موقعي تي اڳواڻن زين گهلو، پانڌي چانڊيو، مظھر سولنگي، ظهير احمد جتوئي، نثار احمد ٻاٽ، وزير ميمڻ، مزار جمالي شمس الدين ڀٽو، تابش پنهور،ذيشان کوکر، شيراز لنڊ، شان چانڊيو، خان ٻاٽ، صالح خشڪ، فاروق کوکر، شڪيل ميمڻ، صدام جمالي سميت وڏي انگ ۾ ورڪرن شرڪت ڪئي،

اڳواڻن سپريم ڪورٽ، آرمي چيف کان مطالبو ڪيو ته پ پ پ شهيد ڀٽو جي باني چيئرمين شهيد ابن شهيد مير مرتضي ڀٽو جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي هنن وڌيڪ چيو ته جلد محترمہ فاطمہ ڀٽو، ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر ملڪ جا سربراہ ٿيندا، ان ڏينھن ظالمن قاتلن تي ذرو رحم به نه ڪيو ويندو.

ڊسمبر 5, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو