سينيئرن نظرانداز ڪيو، انڊسٽري ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پئي: مومنه اقبال

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ۽ ماڊل مومنه اقبال پاڻ سان سينيئر اداڪار جي بُري رويي تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
اداڪارا مومنه اقبال نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هن انڊسٽريءَ ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن دوران سينيئرز جي روين بابت ڳالهايو.
اداڪارا نالو کڻڻ بنا ٻڌايو ته هوءَ ميڪ اَپ روم ۾ هئي، هڪ سينيئر اداڪارا روم ۾ آيو ته هن احترام ۾ اُٿي بيٺي ۽ سلام ڪيو پر هن سلام جو جواب نه ڏنو ۽ کيس نظراندازڪري ڇڏيو.
مومنه اقبال چيو ته ان کانپوءِ سينيئر اداڪارا ميڪ اپ لاءِ ڪُرسي تي ويهي رهي، هن کيس ٻيهر سلام ڪيو ۽ پوءِ پنهنجا وار سنوارڻ ۾ لڳي ، جنهن تي ميڪ آرٽسٽ چيو ته اوهان هتان اُٿو پهريان سينيئر اداڪارا جو ميڪ اپ ٿيندو، پر هن پنهنجي سيٽ تان اُٿڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو ۽ پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو.
اداڪارا وڌيڪ چيو ته اِها تربيت هوندي آهي جيڪا کيس سندس والدين سيکاري ۽ ڪيريئر جي شروعات ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پئي.

ڊسمبر 4, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو