آسٽريليا ۾ ڀارت جي پريڪٽس سيشن تي بندش، سبب سامهون اچي ويو
ايڊيليڊ(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ کيڏي ويندڙ بارڊر – گواسڪر ٽرافي سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ جي تيارين دوران بي سي سي آءِ پنهنجي ٽيم کي اوپن ٽريننگ سيشن تي پابندي مڙهي ڇڏي.
ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٻي ڊي نائيٽ ٽيسٽ ميچ ايڊيليڊ ۾ ڇهه ڊسمبر کان شروع ٿيندي، پر هاڻي ڀارت سموري سيريز لاءِ پنهنجي ٽيم جي اوپن ٽريننگ سيشن تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، ايڊيليڊ ۾ ڀارتي ٽيم جي ٽريننگ سيشن دوران لاءِ پنج هزار کان وڌيڪ شوقين اسٽيڊيم پهچي ويا هئا، جنهن سبب بي سي سي آءِ ٽيم جي اوپن ٽريننگ سيشن تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي
ميڊيا رپورٽس موجب، ٽريننگ سيشن دوران وڏي انگ ۾ موجود تماشائين ويرات ڪوهلي سميت پسنديده اسٽارز جي حق ۾ نعريبازي ڪئي.
رپورٽس موجب، اوپن ٽريننگ سيشن دوران ڀارتي رانديگرن بي آرامي محسوس ڪئي جڏهن ته سيلفيز جي ڪوشش سبب ڪرڪيٽر پريشان رهيا.
آسٽريليا ۾ ٽريننگ سيشن دوران شوقينن جي آمد هڪ روايت آهي جڏهن ته ايم سي جي ۾ نيٽس ٻاهر هئڻ سبب ٽريننگ اوپن هوندي آهي.
اوپن ٽريننگ سيشن تي پابندي بابت ڪرڪيٽ آسٽريليا جي ترجمان چيو ته ڀارت پنهنجي باقي ٽريننگ سيشن اوپن نه رکڻ جو سبب ڄاڻايو آهي.
ترجمان موجب، ڀارت گوڙ ۽ رانديگرن جي ٽريننگ ۾ خلل پوڻ واري عمل سبب اوپن سيشن نه رکڻ جي درخواست ڪئي، جڏهن ته ڀارتي ٽيم جي پريڪٽس سيشن دوران ميڊيا کي ڪوريج جي اجازت هوندي.