” ڀيڻ جي ڪاميابيءَ ڀاءُ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو“ پريانڪا جي ماءُ جو بيان وائرل
بالي ووڊ ۽ هالي ووڊ جي بااثر اداڪارا پريانڪا چوپڙا جي ماءُ جو چوڻ آهي ته سندس ڌيءَ جي ڪاميابيءَ سبب پٽ کي وڏو نقصان ڀوڳڻو پيو.
هڪ انٽرويوءَ دوران اداڪارا جي ماءُ مڌو چوپڙا پنهنجي پٽ سڌارٿ چوپڙا جي سڄي زندگيءَ جي محنت ۽ سندس ڀيڻ جي ڪاميابي جي اثرن بابت ڳالهائيندي چيو ته سڌارٿ کي سندس گهراڻي جي مصروفيت سبب پنهنجي زندگيءَ ۾ گهڻو ڪجهه پاڻ ئي ڪرڻو پيو.
مڌو چوپڙا چيو ته سڌارٿ پريانڪا جي ڪاميابي سبب قربانيءَ جو ٻڪرو بڻجي ويو ڇو ته ننڍي عمر کان ئي هو پريانڪا سان گڏ هو ۽ سندس پيءُ پنهنجي ڪمن ۾ رڌل رهندو هو، انڪري کيس وقت کان اڳ وڏو ٿيڻو پيو.
پريانڪا جي ماءُ وڌيڪ چيو ته هوءَ پنهنجي پٽ کي هر ڏينهن جدوجهد ڪندي ڏسي ٿي ۽ دل ئي دل ۾ چوندي آهي ته خدا جيڪو ڏنو آهي تنهن تي شڪر ڪجي، سندس ٻئي ٻار عظيم آهن جيڪي ساڻس محبت ڪن ٿا.
واضح رهي جي ڀاءُ سڌارٿ چوپڙا ويجهڙ ۾ ٻيو مڱڻو ڪيو آهي، ان کان اڳ 2019ع ۾ هو اشيتا ڪمار سان مڱيل هو پر شادي کان اڳ ئي سندن رشتو ٽٽي ويو هو.