عمران خان سان ملاقات نه ڪرائڻ تي آفيسرن کي توهين عدالت نوٽيس جاري

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت عدالتي حڪم باوجود وڪيلن جي عمران خان سان ملاقات نه ڪرائڻ تي سي پي او راولپنڊي، ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ او نيو ٽائون ٿاڻي جي جاچ آفيسر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سي پي او سميت ٽنهي آفيسرن کي سڀاڻي تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
واضح رهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت طرفان عمران خان سان وڪيلن جي ملاقات ڪرائڻ جي حڪم باوجود ملاقات نه ڪرائڻ تي وڪيلن عدالت سان رابطو ڪيو هو.

ڊسمبر 2, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو