عمران خان جڊيشل ڪميشن مان عمر ايوب ۽ شبلي فراز کي هٽائي ڇڏيو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان جڊيشل ڪميشن ۾ پارٽي جا نمائندا تبديل ڪري ڇڏيا.
ذريعن موجب سينيٽ مان شبلي فراز جي جاءِ تي علي ظفر مستقل طور جڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ پارٽي جي نمائندگي ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عمر ايوب جي جاءِ تي بيرسٽر گوهر ۽ لطيف کوسا مان ڪو هڪ پارٽي جي نمائندگي ڪندو.
ذريعن موجب عمر ايوب ۽ شبلي فراز تي ڪيترائي ڪيس آهن، تنهن ڪري کين تبديل ڪيو ويو، ڪيسن ۾ ضمانت کانپوءِ عمر ايوب ئي جڊيشل ڪميشن ۾ پارٽي جو نمائندو هوندو.
