پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ وڏي غلطي هوندي: شاهه محمود قريشي

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ وڏي غلطي هوندي.
لاهور ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ گورنر راڄ لڪائڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، اهو صوبي ۾ نفرت پکيڙڻ جهڙو هوندو، جڏهن ته پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ وڏي غلطي هوندي.
هن چيو ته سمورين سياسي جماعتن کي ملڪ لاءِ سوچڻو پوندو، پي ٽي آءِ کي چٿڻ ملڪي سياست لاءِ ٺيڪ ناهي.

نومبر 30, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو