”طلاق کانپوءِ سيڪنڊ هينڊ چيو ويو“
ڀارتي ڏکڻ انڊسٽري جي ناليواري اداڪارا سمانٿا روٿ پرڀو طلاق کانپوءِ ”سيڪنڊ هينڊ ۽ استعمال ٿيل“ جهڙا مهڻا ملڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
هڪ انٽرويو ۾ سمانٿا چيو ته بدقسمتي سان طلاق کي عورتن لاءِ اڄ به بدنامي جو سبب سمجهيو ويندو آهي، مون کي سيڪنڊ هينڊ ۽ استعمال ٿيل چيو ويو ۽ چيو ويو ته تنهنجي زندگي برباد ٿي وئي، مون کي انهن ڇوڪرين ۽ خاندانن جو احساس آهي، جيڪي ان مرحلي مان گذريا آهن.
هن چيو ته طلاق کانپوءِ شروعاتي ڏينهن مون لاءِ تڪليف ڏيندڙ هئا پر پوءِ مان قبول ڪيو ته عليحدگي اختيار ڪري چڪي آهيان، مان طلاق يافتا آهيان، زندگي ڪا پرين جي ڪهاڻي ناهي هوندي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته مان روئندي رهيا ۽ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو.
سندس چوڻ هو ته هاڻ مان پاڻ سنڀالي چڪي آهيان ۽ خوش زندگي گهاري رهي آهيان، مان هاڻ سمجهدار ٿي وئي آهيان، غير معمولي ڪم ڪري رهي آهيان ۽ پنهنجي زندگي جي نئين بابت جو انتظار ڪري رهي آهيان.
واضح رهي ته سمانٿا 2019 ۾ ناگا چيتنيا سان پرڻو ڪيو هو ۽ ٻنهي ۾ 2021 ۾ عليحدگي ٿي وئي.