پيپلز ھائوسنگ پروگرام بابت تمام گھڻيون شڪايتون مليون آھن ،  ملوث ماڻھن خلاف ايف آئي آر درج ڪرايون وڃن: سيد ناصر حسين شاهه

Spread the love

سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) صوبائي وزير توانائي ، رٿا بندي ۽ ترقي سيد ناصر حسين شاهه چيو آھي ته پيپلز ھائوسنگ پروگرام بابت تمام گھڻيون شڪايتون مليون آھن ،  بي ضابطگين جو ازالو ڪيو وڃي ۽ ملوث ماڻھن خلاف ايف آئي آر درج ڪرايون وڃن ،

ٻوڏ متاثر ڪمزور آھن ، اھي شڪايتون يا ايف آئي آر داخل ڪرائڻ جي سقط نه ٿا رکن ٽنھي ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر ، سرسو ۽ ھينڊس وارا اڳتي اچن . توانائي ۽ منصوبابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين ڪمشنر آفيس ۾ پيپلز ھائوسنگ پروگرام ۽ سولرائزيشن پروگرام بابت گڏجاڻي ڪندي چيو ته

 ٻوڏ سٺيلن جي گھرن جي تعمير چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن آھي ، ٻوڏ سبب ٻين صوبن ۾ به وڏي تباهي آئي ۽ نقصان ٿيو ھو ، پر گھرن جي ٻيھر تعمير صرف سنڌ ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ھدايتن تي شروع ڪئي وئي ، هن چيو ته  پروگرام کي مڪمل ڪرڻ لاء وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ ۽ سنڌ ڪابينا ڪوششون وٺي رھي آھي ،  جڏهن ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جون سخت هدايتون آھن ته ان پروگرام کي اونرشپ ڏني وڃي.   هن چيو ته پيپلز ھائوسنگ پروگرام ۾ فنڊز جو ڪوبه مسئلو ناھي ، دير ٻوڏ متاثرن جا بينڪ اڪائونٽس نه کلڻ سبب ٿي ،فنڊز جي ڪابه کوٽ ناھي ، سنڌ حڪومت پنھنجي حصي جا پئسا پھرين سال ئي ڏئي ڇڏيا هئا ، ڊونر ايجنسين پڻ رقم منتقل ڪري ڇڏي آهي.

صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪاوشن سان وفاقي حڪومت پڻ پنھنجي حصي جي پھرين ٽرانچ ڏئي ڇڏي آھي. سيد ناصر حسين شاھ  ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڏني ته عورتن کي بنا دير زمينن جا مالڪاڻا حق ڏنا وڃن ، ان ۾ ته ڪا رڪاوٽ ناھي، ھن چيو ته پيپلز ھائوسنگ پروگرام بابت چونڊيل نمائندن ، ڊسٽرڪٽ، ٽائون ۽ يونين ڪائونسلن جي چيئرمينن  کي آن بورڊ ورتو وڃي.

صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو ته سرسو ، ھينڊس کي ضلعي انتظاميا سپورٽ ڪري ته جيئن پروگرام ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪري سگھجي. سولرائزيشن پروگرام بابت صوبائي وزير توانائي سيد ناصر حسين شاھ چيو  ته سولرائزيشن پروگرام ايندڙ مھيني شروع ڪيو ويندو ، جنھن ۾ 2 لک گھراڻن  جو ڊيٽا بسپ جي ذريعي گڏ ڪيو ويو آھي ،

عالمي بينڪ جي سھڪار سان پروجيڪٽ سنڌ جي ڏھن ضلعن لاءِ جوڙيو ويو ھو. صوبائي وزير منصوبا بندي ۽ ترقي سيد ناصر حسين شاھ چيو ته  سولر پينلز جي شپ مينٽ پھچي چڪي آھي ، ھر ضلعي ۾  6، 6 ھزار گھراڻن کي سولر پينل جي سھولت فراهم ڪئي ويندي . سيد ناصر حسين شاھ ڪمشنر سکر کي ھدايت ڪندي چيو ته سولر پينل پروگرام جي مانيٽرنگ سخت ڪئي وڃي ته جيئن ان ۾ ڪا بد انتظامي ۽ بي ضابطگي نه ٿئي.

هن چيو ته  ان کان علاوه سنڌ حڪومت سولرائزيشن جو پنھنجو پروگرام آڻي رھي آھي ، جنھن ۾ 5 لک گھراڻن کي سولر پينلز ڏيڻ جي رٿا آھي جنھن م سنڌ جا سمورا ضلعا شامل ڪيا ويا آھن ، پھرين پروگرام تحت ھڪ سولر پليٽ ، ھڪ پکو ، ٽي بلب ۽ چارجر شامل ھئا، جڌهن ته نئين پروگرام ۾ ان کي وڌائي رھيا آھيون ،

 جنھن گھر ۾  ٻه ڪمرا ۽ واش روم جي سھولت آھي انکي وڌيڪ سولر پينل ڏينداسين ، ھن چيو ته سولرائزيشن پروگرام ۾ آف گرڊ علائقن کي ترجيح ڏني پئي وڃي  ، جنھن م ڪچي ، ريگستان ۽ جابلو  علائقا شامل آھن. سيد ناصر حسين شاھ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي زونل انچارج سکر کي ھدايت ڏني ته ان سلسلي ۾ سکر ڊويزن جي ڊيٽا تي ڪم ڪن . ھن چيو ته چيئرپرسن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان پڻ ان معاملي تي گفتگو ٿي آھي.

گڏجاڻي ۾ ڪمشنر سکر فياض حسين عباسي ، ايڊيشنل ڪمشنر محمد حاجن اڄڻ,  ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو ، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور سيد احمد فواد ، ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي سيد محمد علي شاھ،  زونل ڊائريڪٽر  بينظير انڪم سپورٽ عبدالحفيظ ناپر سميت ھينڊز، ۽ سرسو  جي عملدارن شرڪت ڪئي.

نومبر 26, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو