رياست بمقابله عمران خان ۽ ٻه نمبر انقلابي

Spread the love

نصرت جاويد

آچر 24 نومبر 2024ع  تي صبح اٿي مان ھي ڪالم لکي رهيو آهيان. رياست بمقابلھ عمران خان جي عنوان سان 2022 جي اپريل کان جاري مقابلو آھستي آھستي حق ۽ ناحق جي معرڪن ۾ بدلجڻ شروع ٿي ويو آھي.ھو ظاھر طور ھاڻي ”آخري مرحلي “ ۾ داخل ٿي رھيا آھن.سادن لفظن ۾ رياست جي غرور ۽ سياستدانن جي ضد وچ ۾ مقابلو آھي.سياستدان جو خيال آهي ته پاڪستاني عوام جي وڏي اڪثريت لاءِ دل سان ھن جي فدائي آهي.پنهنجي صحافتي ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن ۾ ھڪ ٻئي سياستدان کي بھ اٽڪل اھڙي ئي مقبوليت حاصل ڪئي. هن کي وھم ھو تھ جيڪڏهن رياست کيس ڇيھو رسايو ته ’هماليه جبل بھ روئي پوندو ‘. پر اپريل 1979ع ۾ کيس ڦاھي ڏني وئي. هماليهجبل رنو تھ نھ، پر تڏھن کان خشڪ کان خشڪ تر ٿي رھيو آھي. جيتوڻيڪ ان جو اهم سبب موسمياتي تبديلي آهي.

اپريل 1979 جو ذڪر ڪريان ٿو تھ نوجوان نسل مون کي ڇڙٻ ڏيندي فخر سان ٻڌائي ٿو تھ انٽرنيٽ زمانو  بدلائي ڇڏيو آهي. فيس بڪ، ٽوئيٽر، انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ متعارف ٿيڻ کان پوءِ رياست ماضي جيتري طاقتورنھ رھي آھي. ان کان سواءِ نئون نسل مون ٻڍي وانگر بزدل ۽ موقعي پرست بھ نھ آھي،جيڪو پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهي. ”سلطاني جمھوري“   کي گهڻو وقت ٽاري  نٿو سگهجي. جنهن جماعت جي معرفت ”سلطاني جمھور “ يقيني بڻائڻ جي دعويٰ ٿي رھي آھي.اھا آگسٽ 2018 ۾ بھ اقتدار ۾ آئي ھئي.ھن جي ساڍن ٽن سالن جي حڪومتي دور ۾ ”اظھار جي آزاديءَ “ کي جنھن انداز ۾ يقيني بنايو ويو ھو، ان کي ذاتي طور ڀوڳيو آھي.مون کي وري ھاڻي ٻڌايو پيو وڃي تھ انھن ڏينھن ۾ ”سلطاني جمھور“ ڪمزور رھي ئي تھ ان جو سبب باجوا نالي آفيسر اعليٰ ھو.”سيم پيج “ تي ھوندي بھ عوام جي پسند جي اڳواڻ کي کليل نموني کيڏڻ نھ ڏيندو ھو.ھن ڀيري باجوا جھڙن آفيسرن کي اقتدار اعليٰ ۾ حصيدار نھ بڻايو ويندو.مان سادڙو ماڻھون  ان ڳالھھ تي اعتبار ڪري وٺان ھا پر اقتدار ۾ واپس اچڻ جي لاءِ ڳالھيون ڪرڻ جي لاءِ رڳو انھن ئي ماڻھن سان اسرار ٿي رھيو آھي جيڪي ”طاقتور ادارن “ جا نمائندا آھن.

بھرحال ڪجهه ڏينهن اڳ اڊيالا جيل ۾ قيد قائد جو حڪم هو ته سندس چاھيندڙ 24 نومبر جي ڏينھن تي پنھنجي گھرن مان نڪرن. ڪنهن نھ ڪنھن  طرح اسلام آباد پهچن. اسلام آباد ۾ گڏ ٿيل هجوم فاشسٽ حڪومت کي جتيون ڇڏي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو.ان کان پوءِ  ڇا ٿيندو؟ ان منظر تي ڪنھن بھ غور نه ڪيو.

پنهنجي ”بنيادي حقن“  جي حاصل ڪرڻ لاءِ مون کيِ ”قائد“ جي حڪم تي اسلام آباد اچڻ جي ضرورت ناهي. 1975ع کان مان ھن ئي شھر ۾ رھان ٿو.

پراڻي طور طريقن جي تشريح ڪيل صحافت ڪي معيار کي استعمال ڪندي ٻن ڏينهن کان مسلسل اهو سوچڻ تي مجبور آهيان ته پشاور کان ملتان تائين روزمره جي زندگيءَ کي جامد ڪرڻ جو ذميوار ڪنھن کي قرار ڏيان ؟ ان سوال تي غور ڪيو ته اھو سوچڻ تي مجبور ٿيس ته عمران خان تھ آچر جو ڏينھن سچ ۽ ڪوڙ جي جنگ لاءِ  مقرر ڪيو هو. پر حڪومت جمعي جي رات کان ئي ملتان، پشاور ۽ لاهور کي اسلام آباد سان ملائيندڙ روڊ ۽ موٽر ويز کي بند ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. جيڪي ”حفاظتي اپاءَ“ ڪيا ويا آهن، سي مون کي اهو فيصلو ڪرڻ  نھ پيا  ڏين ته اسان وٽ معمول جي زندگيءَ کي مفلوج ڪندي حڪومت  تحريڪ انصاف جي خلاف ”هڙتال“ تي ھلي وئي آھي  يا تحريڪ انصاف مسلم امھ جي واحد ايٽمي طاقت کي پنھنجي احتجاجي ڪال جي ذريعي خوف ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي.

خميس تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو هو ته حڪومت راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ معمول جي زندگي کي يقيني بڻائي. ان سلسلي ۾ تحريڪ انصاف جي نمائندن سان ڳالهيون ڪري هو ڳالهين تي راضي نه ٿين ته به ھر صورت ۾ عام زندگيءَ کي جايري رکڻ کي يقيني بڻائي.تحريڪ انصاف ڳالهين لاءِ راضي نه ٿي. ڇنڇر جي صبح کان اسلام آباد ۾ ’عام زندگي‘ غائب ٿي وئي آهي.عام زندگيءَ روان نھ ھجڻ سان عام شهرين کي جيڪا تڪليف پهچي رھي آهي، ان کي نظر ۾ رکندي، ذاتي تجربي جي بنياد تي ڪجهه خاندانن جتي نازل ٿيل ان اذيت جو ھن ڪالم ۾ ذڪر ڪري ڇڏيو،جن جو ٻارڙين کي ڇنڇر ۽ آچر واري ڏينھن  موڪل ڪرڻي ھئي. بعد ۾ سوشل ميڊيا تي ان ئي رخ کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

ذلت جي ماريل اسان وچولي طبقي وارا پنھنجي رت ست جي ڪمائي مان بچايل رقم مان پنھنجي نياڻين جي رخصتي جو انتظام ڪندا آھيون.ٻارڙين جا پنھنجا ارمان ھوندا آھن.انھن کي نامناسب سمجھندي بھ ”پرائي ڌن “ جي خوشين جو  احترام ڪرڻو پوندو آھي.صرف انھي خيال سان اھا التجا ھئي تھ انھن ماڻھن جي باري ۾ ٿورو سوچيندا وڃون.جن کي 23 ۽ 24 نومبر تي پنھنجي نياڻين جي رخصتي جي لاءِ شادي ھال بڪ ڪرائي ڇڏيا آھن ۽ اھي سوچي ڳڻتي ۾ وٺجي ٿا وڃن تھ ان ڏينھن ھنن جا مھمان شادي ھال تائين پھچي سگھندا يا نھ .

حفاظتي قدمن جي نالي تي لاڳو ڪيل لاڪ ڊائون جي حوالي سان، روزاني زندگيءَ جي صرف هڪ پهلوءَ تي ڌيان ڇڪرايو تھ ”حق گو“ ماڻھن جو ميڙ ڏينڀن جيان حملو ڪري ڏنو.ياد ڏياريو ويو تھ  ”لفافو“ صحافي ذميوارن جو نالو وٺندي ڊڄي رھيو آهي. ڏکوئيندڙ حقيقت ۽ سچ اھو آھي تھ مون کي ”بزدل“ قرار ڏئي ٺٺوليون ڪندڙ لاڪ ڊائون جي اصل ذميوار ”اصل حڪمرانن“ جو نالو وٺڻ جي جرئت نه هئڻ ڪري مون  مٿان  اجايو گوڙ ڪري رھيا آھن.جڏهن ان ڳالهه  جي نشاندھي ڪجي ٿي تھ  جواب ملي ٿو  ته ”فاشسٽ حڪومت“ جو پگھاردار ھوندي مان  اصل ۾ مخالفن کي ڀڙڪائي رھيو آھيان تھ جئين پوليس انھن تائين پھچي سگھي.

ٻھ نمبر  ”انقلابين“  جا جيڪي ڌڻ  اڄڪلهه سوشل ميڊيا جي وادين  ۾ گھمن ڦرن پيا. اهي روزاني زندگيءَ جي مشڪلاتن ۾ ڦاٿل عام ماڻهن جي زندگين تي غور ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهن. تنھنڪري همدردي محسوس ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي. مون کي بار بار اھو ٻڌايو ويو ته احتجاج جي سڏ جي سبب عوامي جي اسپتال تائين پھچڻ ۽ ڏھاڙي کان محروم جن تڪليفن کي منھن ڏنو پيو وڃي اھي ”عارضي“  آهن،انهن کي ٿورن ڏينهن لاءِ برداشت ڪري وٺو ته 70 سالن کان عوام لاءِ جمع ٿيل مصيبتن کان  هميشه لاءِ نجات ملي ويندي. پر مون کي ٻھ نمبري ’انقلابين‘ تي اعتبار نھ آھي. اسان وٽ ”حق ۽ باطل“ جي جنگين جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي. صوفي تبسم جي هڪ شعر مطابق هر اهڙي لڙائي جي شروعات ۽ پڄاڻي ”ذلت“  جي صورت ۾ نڪرندي آھي.

نومبر 26, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو