بالي ووڊ سنڌياڻي تمنا ڀاٽيا، وجئه ورما سان لانئون لهندي؟
ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي سنڌياڻي تمنا ڀاٽيا ۽ اداڪار وجئه ورما جي جوڙي تمام جلد شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ واري آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، اداڪار جوڙو ايندڙ سال شادي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، ان ڏس ۾ ٻنهي نئين گهر جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.
رپورٽس موجب، وجئه ۽ تمنا پنهنجي مستقبل جي تيارين جي شروعات گهر جي ڳولا سان ڪئي آهي، جوڙي گذريل سال نيٽ فليڪس جي پروجيڪٽ لَسٽ اسٽورز ٽو جي رليز وقت پنهنجي محبت جو اعتراف ڪيو هو.
اداڪار جوڙي طرفان شادي جي خبرن جي اڃا تائين تصديق يا ترديد ته ناهي ڪئي وئي، پر پرڏيهي ميڊيا سميت سوشل ميڊيا تي وائرل خبر مداحن کي ٻڏتر ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.
ويجهڙ وجئه ورما هڪ انٽرويوءَ دوران ٻڌايو ته هو پنهنجي محبت کي لڪائڻ تي يقين نه ٿو رکي، پر پنهنجي نجي زندگي جي ڪجهه لمحن کي پاڻ تائين محدود رکڻ کي ترجيح ڏئي ٿو.