تعليمي ادارا ۽ استادن کي تربيت ڏيڻ وارو سوال
سڪندر گلاب سومرو
ھي انھن ڏينھن جي ڳالھ آھي، جن ڏينھن ۾ اسان اڃان نوان نوان استاد بڻيا ھئاسين. توڻي جو ذھن تي ھي ڀوت سوار ھو: پاڻ انجنيئر آھيون، پڙھڻ پڙھائڻ واري ڪرت سان وقتي طور تي سلھاڙيا آھيون. بندي جي من ۾ ھڪڙي، ته رب جي من ٻي. ھڪ واعدي پاڻ کي سڄي عمر جي لاءِ استادي پيشي سان سلھاڙي ڇڏيو. قاضي راحت جاويد جنھن کي “آرمي پبلڪ اسڪول اينڊ ڪاليج” گھوڙا گلي، مري مان گھرائي گجرانوالا ڪينٽ جي ان اسڪول جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو ھو، جنھن کي خاص طور تي او ۽ ايَ ليولز جي تعليم کي ڏيڻ جي لاءِ تيار ڪيو ويو ھو. چڱي طرح سان ياد آھي ته، ڪيئن منھنجو انٽرويو ٿيو ھو، ڪيئن ڪمپيوٽر جي مضمون ۾ ڊگري رکڻ وارن ٽن اميدوارن مان صرف منھنجي نالي تي اتفاق به ڪيو ويو ھو. اسڪول ۾ ڪم ڪندي ۽، اسڪول جي مامرن، درس ۽ تدريس ۾ ڀڙ ٿيڻ ۽، ڪلاسن اندر، توڙي ٻاھر ٻارن کي ضابطي ۾ ڪيئن رکجي ۽، ٻين کوڙ اھڙن شين کي اسان قاضي صاحب جي رھنمائي ۾ رھندي سکيو ۽، پرايو. خانگي اسڪولن ۾ مستقل فيڪلٽي رکڻ به ھڪ وڏو مسئلو رھيو آھي ۽ اڄ به رھندو اچي پيو. ان جا سبب پگھارن کان وڌيڪ ٻيا به آھن. جيئن پڪي ۽ مستقل نوڪري نه ڏيڻ.
خانگي ادارا ھجن يا غير سرڪاري ادارا اھي نه ڪنھن کي مستقل نوڪري آڇين ٿا نه وري ڪِن کي پرڪشش پگھارون ڏين ٿا. انھيءَ جا به کوڙ سارا سبب آھن. ھڪ ڏينھن شام ڌاري اسڪول ۾ قاضي صاحب مونکي اسڪول جو ڀيرو ڪرائيندي ۽، اسڪول ۾ ٻارن جي لاءِ مناسب سھولتن جي باري ۾ ٻڌائيندي ھڪ ھي شڪايت به ڪئي ته: “اسان وٽ نوجوان ٽيچنگ لاءِ ته اچن ٿا پر، ٽيچنگ کي مستقل ڪيريئر نٿا بڻائين.” ان جو جواب به پاڻ ئي ڏيندي ٻڌايائون ته، غير سرڪاري ادارن ۾ ھڪ ته پگھارون گھٽ آھن ٻيو وري نوڪريون مستقل به ناھن ڏنيون وينديون. ۽ ٽيون جيڪو وڏي ۾ وڏو سبب آھي اھو ھي ته، خانگي ۽ غير سرڪاري ادارا ملازمن جو رت چوسيندا آھن. جڏھن ته پاڪستان ۾ سرڪاري نوڪري عياشي آھي. خانگي ادارن ۾ پڇاڻي جو عمل سخت ۽ جاري رھندڙ عمل ھوندو آھي. سرڪاري ادارن ۾ پڇاڻي جو ڪو تصور به ناھي ھوندو. پڇاڻو صرف ان وقت ڪيو ويندو آھي، جڏھن ڪو آفيسر ڪنھن کي سبق ڏيڻ چاھيندو آھي. ھن قسم جون ڳالھيون ٻڌي مون قاضي صاحب کي چيو ته، سر ٻيا ھن استادي پيشي کي مستقل طور تي اختيار ڪن يا نه ڪن. ھن اداري ۾ ھن وقت موجود رھندي توھان سان واعدو ٿو ڪريان ته مان درس ۽ تدريس کي نه صرف مستقل پيشو بڻائيندس پر، اڄ کانپوءِ مان سرڪاري نوڪري کي حاصل ڪرڻ جا خواب به ڏسڻ ڇڏي ڏيندس. حسبِ عادت قاضي صاحب منھنجي ڪلھي تي ٿپڪي ڏني ۽ منھن تي پُرمسرت مسڪراھٽ (بِيمنگ سمائيل) سان اطمينان جو اظھار به ڪيو. اھي ڏينھن ھي ڏينھن پاڻ ھڪ استاد سان ڪيل واعدي کي پاڻي ڏيندا پيا اچون ۽ اڄ به ھڪ تعليمي اداري ۾ بطور ايڊمسنٽريٽر جي پنھنجيون خدمتون جاري رکندا پيا اچون. وقت گذرندو رھيو قاضي صاحب سان انتظاميا ناراض ٿي ته، ھن کي اسڪول مان ڪڍيو ويو. اسان وري ھڪ ٻئي پر نئين پرنسپال سان ڪم ڪرڻ ۾ لڳي وياسين. نئون پرنسپال ھڪ سرونگ ڪرنل ھو. ھن کي وقتي پرنسپال طور مقرر ڪيو ويو ھو. آرمي ايجوڪيشن ڪور مان ھو. ايجوڪيشن ۾ ايم بي ايَ ھو. ڪافي سمجھدار ۽ باوقار شخصيت جو مالڪ ھو. ھن به اسان کي ڪافي ڪجھ سمجھايو ۽ سيکاريو. ڇھن مھينن بعد ھڪ رٽائرڊ ڪرنل کي ٽن سالن جي لاءِ اسڪول جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو. نئون پرنسپال اسڪول کي الڳ اک سان ھلائڻ لڳو. استادن کي تنگ ڪرڻ لڳو. ڪيترائي استاد پرنسپال جي رويي مان بيزار ٿي اسڪول کي ڇڏي ويا. ھڪ عورت استاد جي شڪايت تي ٻن سوا ٻن سالن بعد ھن کي به ھٽايو ويو ۽ راولپنڊي جي ھڪ ٻئي سويلين کي پرنسپال مقرر ڪيو ويو. قسمت جو کيل ته ڏسو ته، ان کي به ٽن سالن بعد ھٽايو ويو. آرمي ايجوڪيشن ڪور جي ھڪ ڪرنل (رٽائرڊ) کي اسڪول جو نئون پرنسپال مقرر ڪيو ويو. ڪرنل صاحب اسڪول ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. پنھنجي منفرد صلاحيتن، تجربي ۽ فوجي ۽ تعليمي پسمنظر جي بدولت اسڪول ۾ ڇھن سالن کان مٿي پرنسپال طور ڪم ڪري پنھنجو نالو ويھاري ڇڏيو.
ھن سڄي ماجرا کي بيان ڪرڻ جو مقصد ھي آھي ته، ڪيئن ھڪ فرد پنھنجي پروفيشنل ڊگري تان ھٿ کڻي ھڪ استاد سان ڪيل واعدي کي پاڻي ڏنو ۽ ڪيئن ھڪ ڪمزور استاد مان مضبوط استاد طور پاڻ کي ان اداري ۾ به مڃايو ۽ بعد ۾ جتي به نوڪري ڪئي اتي پنھنجي تجربي جي روشني ۾ دفتري ڪمن ڪارين کي ڪيئن سھڻي نموني سان سرنجام ڏيندو رھيو. ھاڻي مان به ڳچ سالن کان خانگي اسڪولن جي انتظاميا جو حصو آھيان ۽ جڏھن اسان جا ڪمزور استاد مون وٽ ھي شڪايتون کڻي اچن ٿا ته، سائين ٻار اسان جي نٿا ٻڌن، ڪلاسن ۾ گوڙ ٿا ڪن، ڪاپيون تيار نٿا ڪن، ھڪٻئي سان وڙھن ٿا. استادن جي عزت نٿا ڪن. توھان ٻڌايو ته اسان ڪلاس سنڀاليون يا پڙھايون. اسان کي ڪجھ سمجھ ۾ نٿو اچي وغيره. مان ھنن جون ھن قسم جون شڪايتون ٻڌي کلندو به آھيان ته، ھنن کي سمجھائيندو به آھيان ته، ڪلاسن اندر يا ڪلاسن کان ٻاھر ٻارن کي پنھنجي مڪمل ضابطي ۾ رکڻ ھڪ استاد جي ئي ذميداري آھي. خاص طور تي ڪلاس ٽيچرز جي. ھتي ھڪ ھي ڳالھ ڪرڻ به ضروري ٿو سمجھان ته، اسان ته پنھنجين خامين، ڪوتاھين ۽ ڪمزورين تي قابو پائڻ لاءِ ڪجھ سينيئرز کان سکيو. ڪجھ ٽريننگز ڪيوسين ۽ ڪجھ تجربي جي وسيلي سکي سريلا بڻجي وياسين.
پوري سنڌ ۾ ھن وقت ھزارن جي تعداد ۾ خانگي تعليمي ادارا ٻارن کي تعليم ڏئي رھيا آھن ۽ ھزارين نوجوان آھن، جيڪي ھنن اسڪولن ۾ بطور استاد جي پنھنجون خدمتون سرانجام ڏئي رھيا آھن. ھنن جي لاءِ مستقل روزگار آڇڻ ته خواب ئي رھندو پر، مجال آھي جو اسڪول مالڪ ۽ سرپرست استادن کي ڪنھن به اھڙي ٽريننگ ڏانھن موڪلين يا ڪرائين، جيڪا ھنن کي ھڪ بھترين استاد بڻجڻ ۾ مدد ڪري. انھيءَ سلسلي ۾ اسڪول مالڪن ۽ سرپرستن سان جڏھن ڳالھ ٻولھ ٿئي ٿي ته ھو ھي عُذر پيش ڪندا آھن ته، مسئلو ٽريننگ ڏيڻ يا ڏيارائڻ جو ناھي پر، جڏھن اسان استادن کي خرچ ڪري ٽريننگز ڏياريون ٿا ته، ٻئي ڏينھن تي اھي اسڪول کي ڇڏي ھليا ٿا وڃن. ۽ جڏھن استادن کي ٽريننگز وٺڻ جو چيو ته جواب مليو ته، ڪھڙو اسان سڄي عمر ھن پيشي سان چنبڙيل رھنداسين. ٽريننگز جي ماندگي (فٽِيگ) مان ڇو گذرئون. ھڪ اسان جي پگھار نامناسب، ٻيو مالڪ ۽ ٻار اسان جي عزت به نه ڪن. اسان ته بس واندڪائي کان وندر ڀلي واري فارمولي ھيٺ مڙيئي پيا وقت پاس ڪريون. جنھن ڏينھن سرڪاري نوڪرين کي حاصل ڪري ورتوسين، ان ڏينھن کان خانگي ادارن جو ٻيھر منھن به نه ڏسنداسين. سو نه ڪس ڪنوار ۾ نه گھٽ گھوٽ ۾ واري مصداق قصو سمجھڻ ڏکيو ناھي. ھن ماحول ۾ ٻيو ڪير نقصان ۾ آھي يا ناھي پر، ٻار ضرور آھن. ۽ حيرت جي ڳالھ ته ٻارن جي اڪثريت به پڙھائي جي پرواھ انھيءَ ڪري نٿي ڪري ڇاڪاڻ جو اھي پڙھائي سان سلھاڙيل ھر شئي کي پيسي جي ٻل تي آرام سان حاصل ڪري رھيا آھن. چاھي پوءِ خانگي اسڪول ۾ تعليم پرائڻ ھجي يا، ٽيوشن سينٽرز تي پڙھڻ. امتحانن ۾ نقل ڪرڻ ھجي يا بورڊن مان مٿيان گريڊ حاصل ڪرڻ.
