بشريٰ بي بي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري، گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ عدالت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا 8 ٻڌڻين کان مسلسل غيرحاضري تي بشريٰ بي بي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا.
بشري بي بي جي وڪيل اڄ به طبي بنيادن تي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي جنهن تي نيب جي وڪيل اعتراض وارنيدي چيو ته بشريٰ بي بي جو طبي معائنو ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور جو آهي جڏهن ته تصديق اسلام آباد مان ٿي، جوابدارن اڄ به 342 وارو بيان جمع ناهي ڪرايو.
عدالت بشريٰ بي بي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي نيب کي بشريٰ بي بي کي گرفتار ڪري 26 نومبر تي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ بشريٰ بي بي جي ضامن کي به شوڪاز جاري ڪري ڇڏيو.

نومبر 22, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو