زال طرفان طلاق جو اعلان، اي آر رحمان جذباتي پيغام جاري ڪري ڇڏيو

Spread the love

چنائي (ويب ڊيسڪ ) آسڪر ايوارڊ ماڻيندڙ ڀارتي موسيقار، گلوڪار اي آر رحمان جي گهرواري سائرا بانو شاديءَ جي 29 سالن کانپوءِ گذريل ڏينهن مڙس کان عليحدگي جو اعلان ڪيو، جنهن بعد هاڻي موسيقار پاڻ به ان معاملي تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، سائرا بانو جي وڪيل وندنا شاهه طرفان اي آر رحمان ۽ سائرا بانو جي عليحدگي بابت هڪ بيان جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته ڪيئي ورهين جي شادي کانپوءِ سائرا پنهنجي مڙس اي آر رحمان کان عليحدگي جو مشڪل فيصلو ڪيو آهي.
بيان ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته گهري محبت هئڻ باوجود جوڙي محسوس ڪيو ته رنجش ۽ ڏکيائين سبب سندن وچ ۾ هڪ اهڙو خال پيدا ٿي چڪو آهي جنهن هن وقت ٻئي ڌريون پورو ڪرڻ کان لاچار بڻيل آهن.
سائرا بانو مداحن کي هن مشڪل وقت سندن پرائيويسي ۽ جذبن جو احترام ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.
اي آر رحمان جو ردعمل
اي آر رحمان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ” اسان شادي جي 30 ورهين تائين پهچڻ جي اميد ڪئي هئي پر دنيا ۾ هر شئي جي پڄاڻي آهي.“
اي آر رحمان ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته” جيتوڻيڪ هن ڏکئي وقت مان گذرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيا، وکريل ٽڪرا ٻيهر جڙي نٿا سگهن، اسان پنهنجن دوستن، مٽن مائٽن جا ٿورائتا آهيون جن نيڪ خواهشن جو اظهار ۽ همدردي ڪئي ۽ اسان جي پرائيويسي جو خيال رکيو.“
واضح رهي ته اي آر رحمان 12 مارچ 1995ع تي سائرا بانو سان شادي ڪئي هئي ۽ جوڙي کي ٽن ٻارن جو اولاد پڻ آهي.

نومبر 21, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو