بابر اعظم جو ٽي ٽوئنٽي ڪيريئر ختم؟ عاقب جاويد جو اهم بيان
لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان وائيٽ بال ٽيم جي عارضي هيڊ ڪوچ عاقب جاويد قومي ٽيم جي اسٽار بيٽر بابر اعظم جي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ جاءِ هجڻ يا نه هجڻ بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
بابر اعظم هن وقت ٽنهي فارميٽس ۾ خراب فارم مان گذري رهيو آهي، تازو ئي آسٽريليا خلاف ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ هو مايوس ڪندڙ ڪاڪردگي جو مظاهرو ڪندي رڳو 47 رنسون ٺاهي سگهيو.
ان سيريز ۾ پاڪستان کي آسٽريليا هٿان وائيٽ واش شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
آسٽريليا خلاف سيريز ۾ بابر اعظم جي ڪارڪردي تي تبصرو ڪندي اڳوڻي ڪرڪيٽر باسط علي دعويٰ ڪئي هئي ته آسٽريليا خلاف ٽين ٽي ٽوئنٽي ميچ مختصر فارميٽ ۾ بابر اعظم جي آخري ميچ ٿي سگهي ٿي.
باسط علي هڪ ٽي وي پروگرام دوران چيو ته عاقب جاويد جي هيڊ ڪوچ بڻجڻ کانپوءِ اِها آخري ميچ ثابت ٿي سگهي ڇوته عاقب جاويد بابر جي نقادن منجهان هڪ آهي.
ٻئي پاسي عاقب جاويد پنهنجي هڪ بيان ۾ باسط علي جي ان دعويٰ کي مڪمل طور رد ڪيو ۽ چيو ته بابر جون قومي ٽيم لاءِ خدمتون ڪنهن کان لڪل نه آهن.
عاقب جاويد چيو ته سينيئر رانديگر جن ۾ بابر ۽ رضوان شامل آهن انهن جي ٽيم ۾ هڪ اهم پوزيشن آهي، ٻنهي ورهين تائين پاڪستان جي ڪاميابين ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي، هر شخص جي پنهنجي راءِ هوندي آهي، اسان جو ڌيان ڪنهن انفرادي رانديگر کي نشانو بڻائڻ تي نه آهي.
هن چيو ته سڀني ڏٺو آهي ته بابر آخري ٽن ميچن ۾ ڪيئن کيڏيو، جڏهن اوهان ڪوچ يا سليڪٽر بڻجندا آهيو، تڏهن انفرادي پسند يا ناپسند جون ڳالهيون ناهن ٿينديون، اوهان جو مقصد پاڪستان ڪرڪيٽ کي بهتر بڻائڻ هوندو آهي.
عاقب جاويد چيو ته اسان جو ڌيان رڳو پاڪستان ڪرڪيٽ کي بهتر بڻائڻ تي آهي، ان کانسواءِ في الحال فوڪس ون ڊي ۽ چيمپيئنز ٽرافي تي آهي، فخر زمان اسان فٽنس مسئلا آهن، حل ٿيندا ته ٽيم ۾ شامل ٿيندو.