چيمپيئنز ٽرافي: هائبرڊ ماڊل تي پاڪستان سميت سڀ راضي ٿي ويا
دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) سميت ٻين بورڊز کي هائبرڊ ماڊل تحت کيڏڻ تي راضي ڪري ورتو آهي، آءِ سي سي، پي سي بي کي ڀارتي بورڊ خلاف بيان بازي کان به روڪي ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب، آءِ سي سي، ڀارت جي نه کيڏڻ تي وڏي مالي نقصان بابت سمورن بورڊز کي آگاهه ڪري ڇڏيو، پاڪستان جي ايونٽ نه ڪرائڻ تي پي سي بي کي به وڏي مالي نقصان بابت آگاهه ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي جو موقف آهي ته هن وقت هائبرڊ ماڊل تحت کيڏڻ ئي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ بهتر آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي به ان حوالي سان آگاهه ڪندي ڀارتي بورڊ خلاف بيان بازي کان روڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، آءِ سي سي مختلف بورڊز سان هائبرڊ ماڊل تحت ٽورنامينٽ جو شيڊيول ترتيب ڏيڻ لاءِ صلاح مشورا ڪري رهيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر هائبرڊ ماڊل تحت شيڊيول جو اعلان ڪندو.